پارلياماني نظام جي استحڪام لاءِ تازيُون آئيني ترميمون وقت جي ضرورت آهن: اسحاق ڊار

اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آئُون سينيٽر علي ظفر جو ذاتي طور تي وڏو احترام ڪريان ٿو ۽ مُون سندس والد سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڊگهو عرصو ڪم ڪيو آهي، سينيٽر علي ظفر کان اهو وسري ويو آهي ته جڏهن بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي هئي ته ڪهڙي طرح ڪجهه …

اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته آئُون سينيٽر علي ظفر جو ذاتي طور تي وڏو احترام ڪريان ٿو ۽ مُون سندس والد سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڊگهو عرصو ڪم ڪيو آهي، سينيٽر علي ظفر کان اهو وسري ويو آهي ته جڏهن بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي هئي ته ڪهڙي طرح ڪجهه منٽن ۾ اسيمبلي تحليل ڪئي وئي هئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾ موجود خامين کي صحيح ڪرڻ جو عمل صحيح رخ طرف قدم آهي. هن چيو ته تازيون 8 آئيني ترميمون وقت جي ضرورت آهن ته جيئن پارلياماني نظام وڌيڪ مستحڪم ٿئي ۽ آئين جي روح موجب فيصلا ٿين. هن مُخالف ڌُر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جڏهن پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته عدالتن جا فيصلا ياد نٿا رهن. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪميٽي ۾ شامل نه ٿيڻ جو سبب جيڪڏهن ڪنهن ”ريموٽ ڪنٽرول“ جي هدايت هئي ته اهو پارلياماني روايتن جي خلاف آهي. سينيٽر اسحاق ڊار آئين جي آرٽيڪل 63 جي وضاحت ڪندي چيو ته اهو پاڻمرادو لاڳو نٿو ٿئي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ميمبر ضمير موجب ووٽ ڏي ٿو ته ان جو ووٽ ڳڻيو ويندو، جڏهن ته ان کانپوءِ پارٽي کي اهو حق حاصل آهي ته اها پنهنجي پاليسي جي خلاف ورزي ڪندڙ ميمبر جي خلاف ڪارروائي ڪري. ليڊر آف دي هائوس واضح ڪيو ته جيستائين پارٽي نوٽيس جاري نه ٿي ڪري ۽ ٻُڌڻي جو موقعو نه ٿي ڏي، تيستائين اهو ميمبر پنهنجي حيثيت برقرار رکي ٿو.

مزید خبریں