اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ جاري تعاون ۽ مستقبل جي حصيداري جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي تجرمان موجب هاءِ ڪمشنر طارق علي خان خيبرپختونخوا جي علائقي وانا ۾ …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر طارق علي خان جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان ڪينيڊا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ جاري تعاون ۽ مستقبل جي حصيداري جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي تجرمان موجب هاءِ ڪمشنر طارق علي خان خيبرپختونخوا جي علائقي وانا ۾ ڪيڊٽ ڪاليج تي هاڻوڪي افسوسناڪ حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي خواهش جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هاءِ ڪمشنر ڪينيڊين ڪينولا آئل جي امپورٽ جي عمل ۾ تعاون تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن خاص ڪري سماجي ڀلائي، ماحولياتي طور تي موزون زراعت ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي ٻڌايو ته ڪينيڊين ڪمرشل ڪميشن پاڪستان کي حڪومتي سطح تي (جي ٽو جي) تعاون تحت ڪينيڊين شين ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪينيڊا ماحولياتي تبديلي سان هم آهنگ جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان سان حصيداري جو خواهشمند آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ عالمي ماحولياتي مباحثي ۾ ڪينيڊا جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته توانائي جي شعبي ۾ ڪينيڊا جي متوازن پاليسي پاڪستان لاءِ هڪ اهم ماڊل جي حيثيت رکي ٿي. وفاقي وزير هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان ۾ گرين ڪلسٽرز جي قيام بابت سرڪاري منصوبي کان به آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد نوجوان جي جدت طرازي، گرين اسٽارٽ اپس ۽ سبز معيشت جي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا گڏيل تعاون، صاف توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيدار ترق جي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.











