اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان جي ڊگهي سامونڊي خطي تي نوان اونهي سمنڊ وارا پورٽس قائم ڪرڻ لاءِ موزون هنڌن جي نشاندهي جي مقصد لاءِ هڪ اعليٰ سطحي گهڻ رخي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اهو قدم ملڪ جي سامونڊي شعبي جي ايندڙ صدي جي ترقي ۽ اقتصادي تبديلي جي تياري لاءِ کنيو ويو آهي. وفاقي وزير پنهنجي جاري ڪيل …
پاڪستان جي ڊگهي سامونڊي خطي تي نوان پورٽس قائم ڪرڻ لاءِ موزون هنڌن جي نشاندهي جي مقصد لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي: وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري پاڪستان جي ڊگهي سامونڊي خطي تي نوان اونهي سمنڊ وارا پورٽس قائم ڪرڻ لاءِ موزون هنڌن جي نشاندهي جي مقصد لاءِ هڪ اعليٰ سطحي گهڻ رخي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، اهو قدم ملڪ جي سامونڊي شعبي جي ايندڙ صدي جي ترقي ۽ اقتصادي تبديلي جي تياري لاءِ کنيو ويو آهي. وفاقي وزير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اهو منصوبو سندس سئو سالا ويزن 2047ع کان 2147ع جو حصو آهي، جنهن جو اعلان هن هلندڙ مهيني ڪراچي ۾ سامونڊي هفتي جي افتتاحي تقريب دوران ڪيو هو. هن ٻڌايو ته ايندڙ هفتي 12 رڪني ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ پاڻ شرڪت ڪندس. اهو اجلاس پورٽس 1، 2 ۽ 3 لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي شروعات هوندي. ڪميٽي هر ٻن هفتن کانپوءِ اجلاس منعقد ڪندي ۽ ٽن مهينن اندر جامع فزيبلٽي رپورٽ سامونڊي معاملن واري وزارت کي پيش ڪندي، جنهن ۾ فني جائزي، هائڊرو گرافڪ نقشا، سيٽلائيٽ ڊيٽا ۽ سيڙپڪاري تجويزون شامل هونديون. پاڪستان جي سامونڊي پٽي سنڌ جي سر ڪريڪ کان بلوچستان جي جيواڻي تائين 1024 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ڊگهي آهي، جڏهن ته ان جو خصوصي اقتصادي زون 240000 چور ڪلوميٽرن ۽ براعظمي شيلف 50000 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي. ملڪ جي معيشت جي باري ۾ اندازو آهي ته 2030ع کان 2035ع جي وچ ڌاري هڪ کرب ڊالرن جي ڊي پي حاصل ڪري وٺبي، جنهن سان سامونڊي واپار ۽ لاڳاپيل صنعتن ۾ نمايان اضافو متوقع آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پورٽ قاسم اٿارٽي 65 سيڪڙو، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ 52 سيڪڙو ۽ گوادر پورٽ 5 کان 10 سيڪڙو صلاحيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. ماهرن موجب صنعتي سرگرمين، علائقائي ٽرانزٽ واپار ۽ وڌندڙ شپنگ ڳاڻيٽي سبب اهي ٽئي بندرگاهه 2035ع کان 2045ع جي وچ ڌاري پنهنجي مڪمل صلاحيت تائين پهچي ويندا. هن خبردار ڪيو ته افغانستان، وچ ايشيائي رياستن، نار ۽ اوڀر آفريقا کان امڪاني ٽرانز شپمينٽ ٽريفڪ سبب موجوده بندرگاهن تي شديد دٻاءُ وڌي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته سامونڊي علائقن ۾ آبادي، سياحت ۽ نجي هائوسنگ اسڪيمن جي تيز رفتار ترقي سان نئين بحري انفرا اسٽرڪچر لاءِ زمين جي دستياب محدود ٿي رهي آهي. جنيد چوڌري چيو ته سئو سالا ويزن تحت ملڪ ۾ ٽي کان چار جديد اونهي سمنڊ وارا پورٽس قائم ڪيا ويندا. جن ۾ ڪارگو هينڊلنگ، گرين انرجي، انيگريشن ۽ ڊجيٽل پورٽ مينيجمينٽ سسٽمز شامل هوندا. هي منصوبو سي پيڪ، سامونڊي معيشت ۽ علائقائي واپار کي مضبوط بڻائڻ سان گڏ پاڪستان کي هندي سمنڊ جي اهم سامونڊي مرڪز طور اجاگر ڪندا. ڪميٽي ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، گوادر پورٽ اٿارٽي، سامونڊي معاملن واري وزارت، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل، پاڪستان جي سروي جنرل، هائيڊرو گرافر ۽ سنڌ ۽ بلوچستان حڪومتن جا نمائندا شامل آهن. ڪميٽي جو دائري ڪار سامونڊي پٽي تي امڪاني بندرگاهن، بندرگاهي شهرن، شپ يارڊز ۽ توانائي مرڪز لاءِ سموريون سيٽلائيٽ تصويرون، سروي رپورٽون، ماحولياتي ۽ هائيڊرو گرافڪ ڊيٽا جوجائزو وٺي موزون هنڌن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي ادارن وچ ۾ ويجهي هم آهنگي کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن منصوبن تي موثر اڳڀرائي يقيني بڻائي سگهجي. محمد جنيد انوار چوڌري چيو ته ايندڙ صدي سمنڊن جي صدي هوندي، پاڪستان کي اڄ ئي انهن بندرگاهن، واپاري رستن ۽ سامونڊي صنعتن جي رٿابندي ڪرڻي پوندي جيڪا سڀاڻي جي مستقبل جو بنياد رکندي.











