اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 27 هين آئيني ترميم بابت وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته ان ترميم ۾ ڪي به غلطيون نه هيون پر سموريون تبديليون مڪمل مشاورت سان ڪيون ويون. سينيٽ اجلاس ۾ هن چيو ته ان ترميم ذريعي چيف جسٽس آف پاڪستان جي آئيني پوزيشن کي واضح ڪيو ويو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته پڙهڻ …
ستاويهين آئيني ترميم ۾ سموريون تبديليون مڪمل مشاورت سان ڪيون ويون: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 27 هين آئيني ترميم بابت وضاحت پيش ڪندي چيو آهي ته ان ترميم ۾ ڪي به غلطيون نه هيون پر سموريون تبديليون مڪمل مشاورت سان ڪيون ويون. سينيٽ اجلاس ۾ هن چيو ته ان ترميم ذريعي چيف جسٽس آف پاڪستان جي آئيني پوزيشن کي واضح ڪيو ويو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته پڙهڻ ۾ ممڪن آهي ڪجهه غلطيون ٿيون هجن پر منظور ڪرڻ جي عمل ۾ اهڙي ڪا غلطي ناهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ مختلف ڳالهين تي تبصرو نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته انهن ۾ گهڻو ڪري قياس آرايون شامل آهن. وفاقي وزير سمورن سينيٽ جي ميمبرن ۽ ايوان جي عملي جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي ترميم ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجا ڏور رس اثر ڏيکاريندي ۽ عدل جي نظام ۾ بهتري جو سبب بڻجندي. اسلام آباد عدالت ٻاهران ڌماڪي جي حوالي سان هن چيو ته ان سانحي ۾ بائيڪيا مزدور، پوليس اهلڪار ۽ ٻيا عام شهري شهيد ٿيا. هن اعلان ڪيو ته حڪومت انهن شهيدن ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جو خصوصي پئڪيج ڏيندي، وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته سريلنڪا ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم جي هدايت تي گهرو وزير غير معمولي ڪردار ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ٽيم پنهنجي حڪومت سان مشاورت کانپوءِ پاڪستان ۾ قيام جاري رکيو.











