اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته هر پارليامينٽ ميمبر کي ووٽ ڏيڻ جو آئيني ۽ جمهوري حق حاصل آهي، جيڪڏهن ڪو ميمبر پارٽي هدايت جي خلاف به ووٽ ڏي ٿو ته ان جي ضمير جو احترام ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سياسي فيصلن ۾ ذاتي ضمير کي دٻائڻ جمهوريت جي ابتڙ آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر …
هر پارليامينٽ ميمبر کي ووٽ ڏيڻ جو آئيني ۽ جمهوري حق حاصل آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته هر پارليامينٽ ميمبر کي ووٽ ڏيڻ جو آئيني ۽ جمهوري حق حاصل آهي، جيڪڏهن ڪو ميمبر پارٽي هدايت جي خلاف به ووٽ ڏي ٿو ته ان جي ضمير جو احترام ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سياسي فيصلن ۾ ذاتي ضمير کي دٻائڻ جمهوريت جي ابتڙ آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ووٽ ڏيڻ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي قانوني طور تي موثر ٿئي ٿو ۽ جيڪي ميمبر ضمير موجب ووٽ ڏين ٿا انهن کي اڪثر ان فيصلي جي سياسي قيمت به برداشت ڪرڻي پوي ٿي. هن چيو ته پارٽي ۽ ڪارڪنن کي گهرجي ته مقدس نالن وارن ڪاغذن جو احترام ڪن ۽ اختلاف راءِ کي جمهوري طريقي سان برداشت ڪن. 27هين آئيني ترميم جي منظوري جي موقعي تي ٿورا مڃيندي سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته سمورن سينيٽرن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو جن ان ترميم جي حق ۾ پنهنجي راءِ ڏني. اها ترميم مڪمل رولز اينڊ ريگيوليشنز موجب منظور ڪئي وئي آهي. منهنجي دعا آهي ته اها سموري ڪارروائي ملڪي بهتري جي لاءِ استعمال ٿئي، ووٽ ڏيڻ جي پوري عمل کانپوءِ ئي نتيجن کي نوٽيفائي ڪيو ويندو جڏهن ته ڪنهن به ميمبر جي استعيفيٰ رڳو لکت واري صورت ۾ ئي موثر سمجهي ويندي. هن زور ڏنو ته زباني يا اعلانيه استعيفيٰ جي ڪا آئيني حيثيت نه آهي. هن چيو ته جمهوريت ۾ اختلافن جو حل بحث، مڪالمي ۽ دليل سان ڳولڻ گهرجي. اهو ئي طرزعمل قومي اتفاق راءِ ۽ پارلياماني وقار کي مضبوط ڪري ٿو.











