دهلي ڌماڪي ۾ ڪشميرين کي ملوث ڪرڻ جو مقصد آزادي واري تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي: مبصر

سرينگر-13 نومبر (اي پي پي)ڀارتي تحقيقاتي ايجنسين ڀارت جي گادي واري شهر دهلي ۾ لال قلعي ويجهو ٿيل تازي ڌماڪي جي آڙ ۾ اعليٰ تعليم يافته ڪشميري نوجوانن خاص طور تي ڊاڪٽرن کي نشانو بڻائڻ ۽ حق تي ٻڌل ڪشميرين جي جدوجهد کي بدنام ڪرڻ جي هڪ تازي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي ايجنسيون ڪشميري ڊاڪٽرن عمر النبي ۽ مزمل احمد گنائي کي ڌماڪي ۾ …

سرينگر-13 نومبر (اي پي پي)ڀارتي تحقيقاتي ايجنسين ڀارت جي گادي واري شهر دهلي ۾ لال قلعي ويجهو ٿيل تازي ڌماڪي جي آڙ ۾ اعليٰ تعليم يافته ڪشميري نوجوانن خاص طور تي ڊاڪٽرن کي نشانو بڻائڻ ۽ حق تي ٻڌل ڪشميرين جي جدوجهد کي بدنام ڪرڻ جي هڪ تازي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي ايجنسيون ڪشميري ڊاڪٽرن عمر النبي ۽ مزمل احمد گنائي کي ڌماڪي ۾ ملوث ڪري رهيون آهن. ان سلسلي ۾ دهلي پوليس جون جاچ ٽيمون وادي ۾ پهتيون آهن. دهلي پوليس دعويٰ ڪئي ته دهشتگردي جي ان منصوبي ۾ ٽن ڊاڪٽرن سميت 8 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا به واويلا مچائي آهي ۽ بنا ڪنهن ثبوتن جي ڌماڪي ۾ ڊاڪٽر عمر النبي جو نالو وٺي رهي آهي، مبصرن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ جاري ڪريڪ ڊائون مودي جي قيادت هيٺ حڪومت طرفان ڪشميري تعليم يافته نوجوانن ۽ پيشيوراڻي طبقي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي. مبصرن ۽ تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين جي پرامن جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ هر طرح جو ظلم ڪري رهيو آهي پر هو پنهنجي ناپاڪ مقصد ۾ ناڪام رهيو آهي، هاڻي هو حق تي ٻڌل سندن جدوجهد کي دهشتگردي جو رنگ ڏئي پنهنجي ناپاڪ ارادن کي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو.