وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان برطانيه جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي ڊي جي گرائم بگر جي ملاقات

اسلام آباد-13 نومبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانيه جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي (اين سي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل گرائم بگر ملاقات ڪئي جنهن دوران منشيات جي روڪٿام ۽ اين سي سي آءِ اي سميت مختلف ادارن جي آفيسرن لاءِ تربيتي ڪورسز ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ، ٻارن کي آن لائن هراساني جي روڪٿام لاءِ گڏيل حصيداري ۽ ڪوآرڊينيشن اثرائتي بڻائڻ ۽ مفرور ڏوهارين جي مٽاسٽا جي …

اسلام آباد-13 نومبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانيه جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي (اين سي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل گرائم بگر ملاقات ڪئي جنهن دوران منشيات جي روڪٿام ۽ اين سي سي آءِ اي سميت مختلف ادارن جي آفيسرن لاءِ تربيتي ڪورسز ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ، ٻارن کي آن لائن هراساني جي روڪٿام لاءِ گڏيل حصيداري ۽ ڪوآرڊينيشن اثرائتي بڻائڻ ۽ مفرور ڏوهارين جي مٽاسٽا جي حوالي سان ٻطرفو سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا، ڊي جي اين سي سي آءِ اي، ڊي جي نيشنل فرانزڪ ايجنسي، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد به موجود هئا. ملاقات ۾ دهشتگردي ۽ منشيات جي روڪٿام، انساني اسمگلنگ، فرانزڪ، اميگريشن ۽ پوليس ٽريننگ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته منشيات جي روڪٿام، اين سي سي آءِ اي سميت مختلف ادارن جي آفيسرن لاءِ تربيتي ڪورسن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ، ٻارن جي آن لائن هراساني جي روڪٿام جي گڏيل حصيداري کي موثر بڻائڻ جو فيصلو ۽ مفرور ڏوهارين جي مٽاسٽا جي حوالي سان ٻطرفو سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. برطانيه ۽ پاڪستان وچ ۾ مفرور ڏوهارين جي مٽاسٽا ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان 5 ايم او يوز کي جلد قطئي شڪل ڏني ويندي. اين سي اي جي ڊي جي گرائم بگر اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو.  گهرو وزير چيو ته دهشتگردي جون سموريون ڪڙيون پاڙيسري ملڪ سان ملن ٿيون. هن چيو ته جديد فرانزڪ ۽ ٽريننگ سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ممڪن آهي. اپسڪيل جي سهڪار سان غير قانوني اميگريشن روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي ڊي جي  چيو ته پاڪستان جي حڪومت سان مختلف شعبن ۾ سهڪار ڪري رهيا آهيون، هن  منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں