ڏھن سالن جو ڊجيٽل روڊ ميپ معيشت کي ڊجيٽل بنيادن تي آڻڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو: وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد - 13 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آھي ته 10 سالن جو ڊجيٽل روڊ ميپ معيشت کي ڊجيٽل بنيادن تي آڻڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. انھن خيالن جو اظھار ھن پاڪستان جي 10 سالن جي ڊجيٽل روڊ ميپ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته ڊجيٽل روڊ ميپ سان ڪاروبار، تعليم، صحت ۽ …

اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آھي ته 10 سالن جو ڊجيٽل روڊ ميپ معيشت کي ڊجيٽل بنيادن تي آڻڻ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. انھن خيالن جو اظھار ھن پاڪستان جي 10 سالن جي ڊجيٽل روڊ ميپ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته ڊجيٽل روڊ ميپ سان ڪاروبار، تعليم، صحت ۽ عوامي خدمتن ۾ انقلابي بھتري ايندي. ھن چيو ته ڊجيٽل روڊ ميپ تي تيزي سان ڪم جاري آھي، نوجوانن کي ٽيڪنالاجي ۾ عالمي معيار جا موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھيون. شزه فاطمه خواجه چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رھيو آھي، پاڪستان کي ڊجيٽل بڻائڻ ۾ وزيراعظم محمد شھباز شريف جو اھم ڪردار آھي، اي گورننس، مصنوعي ذھانت ۽ ڊيٽا سيڪيورٽي تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ھن چيو ته فري لانسنگ ذريعي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراھم ڪري رھيا آھيون، جديد ٽيڪنالاجي قومي ترقي ۽ شفاف طرز حڪمراني جو بنيادي ٿنڀ آھي، نوجوانن کي ھنرمند بڻائي عالمي ڊجيٽل اڪانامي جو حصو بڻائڻ اسان جو مقصد آھي، نيشنل ڊجيٽل ڪائونسل پليٽ فارم سان نوجوانن کي مختلف موقعا حاصل ٿيندا. شزه فاطمه خواجه چيو ته ڏھن سالن جو ڊجيٽل روڊ ميپ معيشت کي ڊجيٽل بنيادن تي آڻڻ  لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ڊجيٽل روڊ ميپ سان ڪاروبار، تعليم، صحت ۽ عوامي خدمتن ۾ انقلابي بھتري ايندي.

مزید خبریں