اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) حڪومت ٽريزري بلن جي نيلامي مان 492.9 ارب روپيا حاصل ڪري ورتا. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب نيلامي مان مجموعي طور تي 550 ارب روپيا حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو هو، نيلامي لاءِ مجموعي طور تي 1621.7 ارب روپين جا واڪ وصول ٿيا، هڪ مهيني جي مدي جي بلن تي منافعي جي شرح ۾ 1.2 بيسس پوائنٽس ۽ ٽن مهينن جي …
حڪومت ٽريزري بلن جي نيلامي مان 492.9 ارب روپيا حاصل ڪيا: اسٽيٽ بينڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) حڪومت ٽريزري بلن جي نيلامي مان 492.9 ارب روپيا حاصل ڪري ورتا. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن موجب نيلامي مان مجموعي طور تي 550 ارب روپيا حاصل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو هو، نيلامي لاءِ مجموعي طور تي 1621.7 ارب روپين جا واڪ وصول ٿيا، هڪ مهيني جي مدي جي بلن تي منافعي جي شرح ۾ 1.2 بيسس پوائنٽس ۽ ٽن مهينن جي مدي جي بلن تي منافعي جي شرح ۾ 0.6 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي، ان جي ابتڙ 6 مهينن جي مدي جي بلن تي منافعي جي شرح ۾ گذريل نيلامي جي ڀيٽ ۾ 0.1 بيسس پوائنٽس جو اضافو ٿيو.











