ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران ڪانونٽ جيسس اينڊ ميري، بيڪن هائوس ۽ روٽس اسڪول سسٽم جي شاگردن ۽ استادن سان خاص سيشن منعقد

اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي)  ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪانونٽ جيسس اينڊ ميري، بيڪن هائوس ۽ روٽس اسڪول سسٽم جي شاگردن ۽ استادن سان هڪ خاص سيشن منعقد ڪيو جنهن ۾ انهن پاڪ فوج جي آپريشنل معاملن ۽ اندروني صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. تفصيل موجب ڪانونٽ جيسس اينڊ ميري اسڪول جي پرنسپل پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. هِن خصوصي …

اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي)  ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪانونٽ جيسس اينڊ ميري، بيڪن هائوس ۽ روٽس اسڪول سسٽم جي شاگردن ۽ استادن سان هڪ خاص سيشن منعقد ڪيو جنهن ۾ انهن پاڪ فوج جي آپريشنل معاملن ۽ اندروني صورتحال جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. تفصيل موجب ڪانونٽ جيسس اينڊ ميري اسڪول جي پرنسپل پاڪ فوج جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو. هِن خصوصي ويهڪ ۾ استادن ۽ شاگردن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. شاگردن ۽ استادن چيو ته اهو اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي ته اسان کي فوج سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو. استادن چيو ته اڄ اسان سکيو ته ازلي دشمن جي اسٽريٽجڪ غرور جو مقابلو ڪيئن ڪيو وڃي، اسان پاڪ فوج کي اُن جي مضبوط عزم ۽ بهادري تي سلام پيش ڪريون ٿا. شاگردن چيو ته اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج تي فخر آهي جيڪا سدائين عوام لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر اسان کي حقيقتن کي صحيح نقطه نظر سان ڏسڻ جي تلقين ڪئي، هن اسان کي سوشل ميڊيا جي حوالي سان پروپيگنڊه، گمراهه ڪندڙ ۽ نقصانڪار معلومات جي باري ۾ آگاهي ڏني. شاگردن چيو ته ذميوار شهري طور اسان کي سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا کان پاڻ کي بچائڻو پوندو، ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي سچائي ڄاڻڻ لاءِ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي، پاڪ فوج ۽ عوام گڏجي ڀارت خلاف مضبوط اتحاد قائم ڪيو آهي، اسان چڱي طرح ڄاڻي چڪا آهيون ته ڪهڙي نموني پاڪ فوج ملڪ کي دهشتگردي کان بچائڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي.

مزید خبریں