اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ منعقد ٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جا پارلياماني وفد پنهنجي پنهنجي وطن واپس روانا ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب مراڪش ۽ ازبڪستان جي وفدن وطن واپسي کان اڳ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني کي ڪانفرنس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي …
بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس پڄاڻي تي پهتي، مختلف ملڪن جا پارلياماني وفد واپس روانا، ڪانفرنس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ منعقد ٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جا پارلياماني وفد پنهنجي پنهنجي وطن واپس روانا ٿي ويا. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب مراڪش ۽ ازبڪستان جي وفدن وطن واپسي کان اڳ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني کي ڪانفرنس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس قيادت کي ساراهيو. مراڪش جي نائب چيئرمين هائوس آف ڪائونسلرز عبدالرحمان اوڪيفا سينيٽ چيئرمين کي ڪانفرنس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي پاڪستان جي سينيٽ، سينيٽ چيئرمين ۽ عوام جي بي مثال مهمانوازي تي ٿورو مڃيو. هن سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضاگيلاني جي موثر ۽ وزنري ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته هي ڪانفرنس عالمي پارلياماني لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو اهم ذريعو بڻيل آهي.اهڙي طرح ازبڪستان جي نائب چيئرمين مجلس اعليٰ صادق سافود به سينيٽ چيئرمين جي ويزن ۽ قيادت کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان طرفان بهترين ميزباني ۽ ڪامياب ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سينيٽ چيئرمين جي متحرڪ ڪردار ۽ بين الپارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو مظهر آهي. وفدن سينيٽ چيئرمين امن ۽ ترقي جي گڏيل پارلياماني ويزن جي ڀرپور تائيد ڪئي ۽ ان کي عالمي پارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستان لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان ڪانفرنس سان خطي ۽ دنيا ۾ پارلياماني سطح تي تعاون جا نوان دروازا کلندا.











