اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، چين ڏانهن روانگي واپار ۾ 0.59 سيڪڙو ۽ چين کان آمدني واپار ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ چين ڏانهن روانگي واپار مان ملڪ کي 562.39 ملين ڊالرن جو پرڏيهي …
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ پهرين ٽه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي اضافو ٿيو آهي: اسٽيٽ بئنڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي، چين ڏانهن روانگي واپار ۾ 0.59 سيڪڙو ۽ چين کان آمدني واپار ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ چين ڏانهن روانگي واپار مان ملڪ کي 562.39 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 0.59 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ چين ڏانهن روانگي واپار مان ملڪ کي 559.07 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيو هو. سيپٽمبر ۾ چين ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 207.92 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو آگسٽ ۾ 154.82 ملين ڊالر ۽ گذريل سال سيپٽمبر ۾ 235.64 ملين ڊالر هو، مالي سال 2025ع ۾ چين کي پاڪستان جو مجموعي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 2.447 ارب ڊالرن رڪارڊ ڪيو ويو هو، انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ چين کان روانگي واپار تي 4.861 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ چين کان آمدني واپار تي 3.891 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو، سيپٽمبر ۾ چين کان 1.661 ارب ڊالر جو آمدني واپار رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو آگسٽ ۾ 1.504 ارب ڊالر ۽ گذريل سال سيپٽمبر ۾ 1.258 ارب ڊالر هو، مالي سال 2025ع ۾ چين کان آمدني واپار تي مجموعي طور تي 16.31 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو هو.











