اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ايران جو پارلياماني وفد پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان پارليامينٽ جي ميمبر ڊپٽي هيڊ آف دي هائوس ڊاڪٽر علي نيڪ زاد سمارين جي قيادت ۾ وفد ۾ پارليامينٽ جا ميمبر علي بابائي ڪانامي، محمد انور بجارزهي ۽ محمد خوش سيما کانسواءِ ٻيو اسٽاف ۽ مددگار شامل هئا. وفد روانگي لاءِ …
بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ايران جو وفد پنهنجي وطن واپس روانو

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ايران جو پارلياماني وفد پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان پارليامينٽ جي ميمبر ڊپٽي هيڊ آف دي هائوس ڊاڪٽر علي نيڪ زاد سمارين جي قيادت ۾ وفد ۾ پارليامينٽ جا ميمبر علي بابائي ڪانامي، محمد انور بجارزهي ۽ محمد خوش سيما کانسواءِ ٻيو اسٽاف ۽ مددگار شامل هئا. وفد روانگي لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو جتي سينيٽ جي اعليٰ عهديدارن کين الوداع ڪيو. ايراني وفد سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ منعقد بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس کي ڪامياب منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن پاڪستان جي عالمي امن، پارلياماني تعاون ۽ گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي واکاڻ جوڳيون قرار ڏنو، ايراني وفد پاڪستاني حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.











