اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ منعقد ٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب پڄاڻي کانپوءِ مختلف ملڪن جا پارلياماني وفد پنهنجي وطن واپس روانا ٿي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سينيٽ آف پاڪستان جي اعليٰ عهديدارن وفدن کي شاندار انداز ۾ الوداع ڪيو. روانگي جي موقعي تي پرڏيهي پارلياماني نمائندن پاڪستان جي ميزباني، شاندار انتظامن ۽ بين الپارلياماني رابطن کي …
بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد مختلف ملڪن جي پارلياماني وفدن جي سندن وطن واپسي

مزید خبریں
اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ منعقد ٿيل بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب پڄاڻي کانپوءِ مختلف ملڪن جا پارلياماني وفد پنهنجي وطن واپس روانا ٿي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سينيٽ آف پاڪستان جي اعليٰ عهديدارن وفدن کي شاندار انداز ۾ الوداع ڪيو. روانگي جي موقعي تي پرڏيهي پارلياماني نمائندن پاڪستان جي ميزباني، شاندار انتظامن ۽ بين الپارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. جمهوريه ڪانگو جي وفد جي قيادت پراسپر ڪاسانگو لوڪالي تونڊا (پارليامينٽ جي ميمبر) ڪئي. روانگي جي موقعي تي تونڊا سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ ٿيل ڪانفرنس کي موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي عالمي امن، پارلياماني تعاون ۽ گڏيل ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششن کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو. فلسطيني پارلياماني وفد جي قيادت روحي اي – ايم – فتوح (اسپيڪر نيشنل ڪائونسل) ڪئي، جڏهن ته سامع اڪرم سعد الدين قطامي به وفد ۾ شامل هو. روحي فتوح سينيٽ چيئرمين جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان هميشه فلسطيني عوام جي حق خوداراديت ۽ انصاف لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، هن ڪانفرنس کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. لبناني وفد ۾ ابراهيم الموسوي ۽ جهاد السمد شامل هئا. ابراهيم الموسوي چيو ته پاڪستان جي ميزباني ۽ ڪانفرنس جا انتطام شاندار رهيا. هن چيو ته ان پليٽ فارم ذريعي پارلياماني رابطن کي مضبوط بڻائڻ جا امڪان روشن ٿيا آهن. اردني وفد جي قيادت توفيق ڪريشان ڪئي، ساڻس گڏ راڪان حماده الفواز ۽ ندال عود الله شامل هئا. توفيق ڪريشان سينيٽ چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي ڪانفرنس علائقائي تعاون ۽ عالمي امن لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. يو اي اي جي وفد جي قيادت ڊاڪٽر طارق حميد الطائر ڪئي. ساڻس گڏ محمد عيسي الڪاشف، مير احمد الخواري، عبدالله العليلي ۽ سعيد المهيري شامل هئا. داڪٽر الطائر چيو ته پاڪستان بين الپارلياماني سفارتڪاري جي ميدان ۾ نئون مثال قائم ڪيو آهي ۽ هي فورم علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. روانڊا جي وفد جي قيادت فرانسوا زيوائر ڪئي. صدر زيوائر چيو ته پاڪستان جنهن جذبي ۽ پروفيشنل انداز ۾ ڪانفرس منعقد ڪئي، اها واکاڻ جوڳي آهي. هن پاڪستان لاءِ نيڪ تنمائن جو اظهار ڪيو. الجزائر جي وفد جي قيادت سعد عروس ڪئي، سعد عروس چيو ته سينيٽ چيئرمين بين الپارلياماني تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو اسلامي دنيا لاءِ هڪ مثبت اشارو آهي. ڪيمرون جي وفد جي قيادت ڪوماسي سائمن ڪئي، وفد چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي ڪانفرس منعقد ڪئي جيڪا گڏيل احترام، حصيداري ۽ امن جي پيغام جي عڪاس آهي. شامي وفد جي قيادت ڊاڪٽر محمد طه ڪئي. ڊاڪٽر طه چيو ته هي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي سطح تي پارلياماني تعاون جي هڪ نئين باب جي شروعات آهي. روسي وفد جي قيادت ڪونستانتن (ڊپٽي اسپيڪر فيدريشن ڪائونسل) ڪئي، هن چيو ته پاڪستان بين الپارلياماني لاڳاپن کي نون رخ ڏنو آهي، جيڪو عالمي سطح تي امن ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم قدم آهي. پي يو آءِ سي جي وفد جي قيادت محمد خوريچي نياس ڪئي. هن چيو ته پاڪستان مسلمان امت کي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ورلڊ مشن جي وفد جي قيادت سنگ – يون ڊو (ڊائريڪٽر جنرل) ڪئي، وفد چيو ته بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ذريعي دنيا کي امن، تعاون ۽ ترقي جو پيغام ڏنو ويو آهي. سمورن وفدن پاڪستان جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام لاءِ نيڪ تنمائن جو اظهار ڪندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان ڪانفرنس جا مثبت اثر عالمي سطح تي ڊگهي مدي لاءِ هوندا.











