گڏيل قومون-13 نومبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم چيو آهي ته سوڊان جي شهر الفاسر مان بي گهر ٿيل عورتن نيم فوجي گروپ” ريپڊ سپورٽ فورسز“ پاران شهر جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد سندن ٻارن جي منظم انداز ۾ قتل ۽ بي حرمتي جو نشانو بڻائڻ ۽ اغوا جو اطلاع ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي عورتن لاءِ اوڀر ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ريجنل ڊائريڪٽر اناموٽاوتي جنيوا …
دارفور ۾ نسلي بنيادن تي عورتن ۽ ٻارن کي قتل ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو پيو وڃي:گڏيل قومون
گڏيل قومون-13 نومبر(اي پي پي) گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم چيو آهي ته سوڊان جي شهر الفاسر مان بي گهر ٿيل عورتن نيم فوجي گروپ” ريپڊ سپورٽ فورسز“ پاران شهر جو ڪنٽرول سنڀالڻ بعد سندن ٻارن جي منظم انداز ۾ قتل ۽ بي حرمتي جو نشانو بڻائڻ ۽ اغوا جو اطلاع ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي عورتن لاءِ اوڀر ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ريجنل ڊائريڪٽر اناموٽاوتي جنيوا ۾ صحافين کي نيروبي جي وڊيو جي حوالي سان ٻڌايو ته انهن عورتن تي ناقابل برداشت ظلم ٿي رهيا هيا. جنسي تشدد وڏي پيماني تي آهي. ان ڳالهه جو واضح ثبوت موجود آهي ته عورتن جي لڄالٽ کي ڄاڻي واڻي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سوڊان ۾ عورتن جا لاش هڪ ڏوهه جو منظر بڻجي چڪا آهن ۽ هاڻي اتي محفوظ علائقا ناهن ۽ نه ئي ڪا اهڙي جڳهه آهي جتي عورتون تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ محفوظ طريقي سان گڏ ٿي سگهن ٿيون يا اتي انهن جي بنيادي نفسياتي ۽ معاشرتي سارسنڀال ٿي سگهي ٿي. ڏڪار جو شڪار دارفور ۾ اٽڪل 11 ملين عورتن ۽ ڇوڪرين کي کاڌي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم خبردار ڪيو آهي ته خوراڪ جي ڳولها دوران کين جنسي حوس جو نشانو بڻايو پيو وڃي. وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته دارفور ۾ کاڌي جي ڳولا دوران عورتن کي اغوا، جنسي تشدد ۽ صنفي تشدد سميت ٻين ظلمن جا خطرا درپيش آهن.











