مدينه منوره پائيدار ترقي جو شنگهائي گلوبل ايوارڊ کٽي ورتو

رياض-13 نومبر(اي پي پي) سعودي عرب جي شهر مدينه منوره پنهجي ٽئين ايڊيشن ۾ پائدار ترقي بابت شنگهائي گلوبل ايوارڊ کٽي ورتو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ان ايوارڊ مدينه منوره ۾ شهري سهولتن، پائيداري ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ قيادت جي پنهنجي عالمي ريڪارڊ ۾ هڪ ٻي ڪاميابي جي نشاندهي ڪئي آهي. اهو ايوارڊ شهري ترقي لاءِ مدينه منوره جي هڪ متوازن قومي ماڊل کي اپنائڻ جي عڪاسي ڪري …

رياض-13 نومبر(اي پي پي) سعودي عرب جي شهر مدينه منوره پنهجي ٽئين ايڊيشن ۾ پائدار ترقي بابت شنگهائي گلوبل ايوارڊ کٽي ورتو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ان ايوارڊ مدينه منوره ۾ شهري سهولتن، پائيداري ۽ زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ قيادت جي پنهنجي عالمي ريڪارڊ ۾ هڪ ٻي ڪاميابي جي نشاندهي ڪئي آهي. اهو ايوارڊ شهري ترقي لاءِ مدينه منوره جي هڪ متوازن قومي ماڊل کي اپنائڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. اهو اهڙو قومي ماڊل آهي جيڪو ماڻهن کي ترقي جي مرڪز ۾ رکي ٿو ۽ اها ڊجيٽل تبديلي، ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ تي ٻڌل آهي. شنگهائي ايوارڊ سڀ کان با وقار عالمي ايوارڊن مان هڪ آهي جيڪو پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪندڙ اهم شهرن کي تسليم ڪري ٿو. ان جي  ٽئين ايڊيشن ۾ 33 ملڪن جي 58 شهرن  کي شامل ڪيو ويو ۽ نتيجن جو اعلان ڪولمبيا ۾ منعقد هڪ تقريب دوران ڪيو ويو.