آمريڪا يوڪرين ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪري : روس

ماسڪو-13 نومبر(اي پي پي) روس چيو آهي ته آمريڪا يوڪرين جنگ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪري . عالمي ميڊيا روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته روس  اميد ڪري ٿو ته آمريڪا اهڙن قدمن کان پاسو ڪندو جيڪي يوڪرين جنگ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهن ٿا . هن چيو ته يورپ روس جي موقف کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي …

ماسڪو-13 نومبر(اي پي پي) روس چيو آهي ته آمريڪا يوڪرين جنگ ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪري . عالمي ميڊيا روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جي بيان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته روس  اميد ڪري ٿو ته آمريڪا اهڙن قدمن کان پاسو ڪندو جيڪي يوڪرين جنگ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهن ٿا . هن چيو ته يورپ روس جي موقف کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه شروع کان ڳالهين لاءِ تيار رهي ۽ روس جي موقف کي سمجهي ڪري پائيدار امن جي حل جي نيت ظاهر ڪئي. هن چيو ته اسان اميد ڪيون ٿا ته آمريڪا يوڪرين جنگ جي خاتمي ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندو.