اوٽاوا-13 نومبر(اي پي پي)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن جي پر تشدد واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي آبادڪارن جي پرتشدد واقعن جو تازو سلسلو وسيع ٿي سگهي ٿو ۽ غزه ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچي سگهي ٿو . ميڊيا مطابق ڪينيڊا ۾ جي - سيون ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس بعد صحافين طرفان آمريڪي پرڏيهي وزير کان …
اسرائيلي آبادڪارن جا پرتشدد واقعا غزه ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهن ٿا: آمريڪي پرڏيهي وزير
اوٽاوا-13 نومبر(اي پي پي)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن جي پر تشدد واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي آبادڪارن جي پرتشدد واقعن جو تازو سلسلو وسيع ٿي سگهي ٿو ۽ غزه ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچي سگهي ٿو . ميڊيا مطابق ڪينيڊا ۾ جي – سيون ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس بعد صحافين طرفان آمريڪي پرڏيهي وزير کان سوال ڪيو ويو ته اولهه ڪناري ۾ پيش آيل واقعا غزه ۾ جنگ بندي کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا . جنهن تي هن چيو ته اميد آهي ته ائين نه ٿئي ۽ اسان کي اها توقع به ناهي . اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته ائين نه ٿئي. واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيترنئي نقاب پوش اسرائيلي آبادڪارن والاريل اولهه ڪناري ۾ فلسطيني ٻهراڙيءَ وارن علائقن تي حملو ڪيو هو جڏهن ته گاڏين ۽ ٻين ملڪيتن کي باهه لڳائي ڇڏي هئي. غزه ۾ ٻه سال اڳ اسرائيل طرفان جنگ شروع ٿيڻ بعد اسرائيلي آبادڪارن طرفان پرتشدد واقعن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي . تازن هفتن ۾ انهن حملن ۾ شدت آئي آهي. گذريل هفتي گڏيل قومن جي انساني همدردي جي آفيس چيو هو ته 2006ع بعد کان هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ اسرائيلي آبادڪارن طرفان اولهه ڪناري ۾ حملن جا سڀ کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن.











