اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 2025ع جي نمائندن جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير، پارلياماني نمائندا ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز شريڪ هئا. صدر شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو …
صدر آصف علي زرداري پاران بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 2025ع جي نمائندن جي اعزاز ۾ آجياڻو

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 2025ع جي نمائندن جي اعزاز ۾ ايوان صدر ۾ آجياڻو ڏنو جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزير، پارلياماني نمائندا ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جا اسپيڪرز شريڪ هئا. صدر شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ انهن جي شرڪت تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪانفرنس پارلياماني سفارتڪاري جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ سڄي دنيا جي پارلياماني اڳواڻن امن ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ موثر مڪالمو ڪيو جيڪو خوش آئنده آهي. هن چيو ته موجوده معاشي، ماحولياتي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز گڏيل ڪوششن سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. هن ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۽ ويزن کي ساراهيندي چيو ته بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس تعاون ۽ دوستي جا نوان رستا کوليا آهن. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني صدر جا ٿورا ادا ڪيا ۽ پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ ۾ سندس ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪانفرنس امن ۽ ترقي جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌايو آهي جڏهن ته اسلام آباد پڌرنامو امن ۽ استحڪام جي هڪ جامع حڪمت عملي فراهم ڪري ٿو.











