اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وانا ڪيڊٽ ڪاليج حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو هر خطري آڏو ڄمي بيٺل آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق راڻا مشهود احمد خان هٿياربند فوج جي جرئت ۽ بهادري کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته قوم پنهنجي …
پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته هو هر خطري آڏو ڄمي بيٺل آهي: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وانا ڪيڊٽ ڪاليج حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو هر خطري آڏو ڄمي بيٺل آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام مان جاري بيان مطابق راڻا مشهود احمد خان هٿياربند فوج جي جرئت ۽ بهادري کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته قوم پنهنجي فوج جي قربانين تي فخر ڪري ٿي، بهادر جوانن پنهنجي جان تي کيڏي 600 کان وڌيڪ ڪيڊٽس جي زندگيون بچائي قوم جو ڳاٽ اونچو ڪري ڇڏيو، پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته هو هر خطري آڏو ڄمي بيٺل آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مان پاڪ فوج سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مقامي انتظاميه کي به خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو، حڪومت متاثر خاندانن سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ۽ همت واري قوم آهي. امن، ترقي ۽ اتحاد لاءِ اسان جا عزم پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهن. پاڪستان زنده باد، پاڪ فوج پائنده باد.











