اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گوئٽي مالا جي اڳوڻي صدر ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر جمي موراليز ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ بين الپارلياماني تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ گوئٽي مالا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ …
صدر آصف علي زرداري سان گوئٽي مالا جي اڳوڻي صدر ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر جمي موراليز جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان گوئٽي مالا جي اڳوڻي صدر ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر جمي موراليز ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ بين الپارلياماني تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ گوئٽي مالا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گوئٽي مالا کي ڳوٺاڻي ترقي، ماحولياتي چئلينجز ۽ معاشي جديديت جهڙا گڏيل مسئلا درپيش آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ زراعت، قابل تجديد توانائي ۽ طبي سائنسز جي شعبن ۾ عملي تعاون جا وسيع امڪان رکن ٿا. هن جمي موراليز کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي فريم ورڪ کان آگاهه ڪيو ۽ گوئٽي مالا کي ان تحت گڏيل سيڙپڪاري ۽ منصوبن ۾ شموليت جي دعوت ڏني. صدر گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي حمايت تي گوئٽي مالا جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته پاڪستان ۽ گوئٽي مالا جي وچ ۾ پارلياماني ۽ اداراجاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ۽ جاگرافيائي فاصلي کي دوستي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي جمي موراليز پاڪستان جي ميزباني ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي صدر آصف علي زرداري جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اهڙا رابطا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري جا نوان موقعا پيدا ڪندا. جمي موراليز چيو ته گوئٽي مالا وچ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي، اسان پاڪستان جي ترقياتي تجربن مان سکڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته هو پاڪستان ۽ گوئٽي مالا جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جا نوان دروازا کولڻ جي عزم سان هتي آيو آهي. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هو.











