قومي اسيمبلي پاران 27 آئيني ترميم جي ڪجهه ترميمن سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي 27 آئيني ترميم جي ڪجهه ترميمن سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق پيش ڪيل 27هين ترميم کي سينيٽ مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور غور هيٺ آڻڻ جي رٿ منظوريءَ لاءِ پيش ڪئي، رٿ جي حق ۾ 231 ۽ مخالفت ۾ 4 ميمبرن پنهنجي راءِ ڏني. ان کان اڳ قانون …

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي 27 آئيني ترميم جي ڪجهه ترميمن سان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق پيش ڪيل 27هين ترميم کي سينيٽ مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور غور هيٺ آڻڻ جي رٿ منظوريءَ لاءِ پيش ڪئي، رٿ جي حق ۾ 231 ۽ مخالفت ۾ 4 ميمبرن پنهنجي راءِ ڏني. ان کان اڳ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اڱاري ڏينهن 27 آئيني ترميم کي سينيٽ مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي هئي جنهن تي ايوان ۾ بحث ڪرايو ويو. بعد ۾ وفاقي وزير 27 آئيني ترميم بل ۾ ڪجهه ترميمون پيش ڪيون. هن آرٽيڪل 6 ۾ ترميم پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏني. وفاقي وزير نئين شق 2 اي پيش ڪئي جنهن مطابق آرٽيڪل 10 ۾ ترميم ڪئي وئي. ايوان ان جي به منظوري ڏني. هن شق 23 ۾ ترميم پيش ڪئي ته موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان ئي پنهنجي مُدي دوران چيف جسٽس رهندو، شق وار منظوريءَ دوران 233 ميمبرن شقن جي حق ۾ ۽ 4 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. سني اتحاد ڪائونسل ۽ آزاد مخالف ميمبر ايوان مان ٻاهر هليا ويا ۽ انهن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. شق وار منظوريءَ کانپوءِ اعظم نذير تارڙ بل منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو جنهن جي حق ۾ 234 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙيءَ طرح ايوان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظوري ڏني. ان ترميم کان پوءِ جوڊيشل ۽ آئيني معاملن جي ٻُڌڻيءَ لاءِ ڌار آئيني عدالت قائم ڪئي ويندي. آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪري فيلڊ مارشل جو عهدو تاحيات ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن لاءِ چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو تخليق ڪيو ويو آهي جنهن تي مقرري وزيراعظم جي ايڊوائيز تي صدرِ مملڪت ڪندو، جڏهن ته چيئرمين جوائنٽس چيف آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو عهدو 27 نومبر 2025ع کان ختم ٿي ويندو. آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تحت وزيراعظم، چيف آف ڊفينس فورسز جي سفارش تي نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر جي مقرري ڪندو. ترميم موجب پاڻمرادي نوٽيس جو اختيار ختم ڪيو ويو آهي. ان ترميم تحت هاءِ ڪورٽ جي ججن جي هاڻ هڪ هاءِ ڪورٽ کان ٻي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪري سگهبي. 27 آئيني ترميم ۾ ڪل 59 شقون شامل آهن، صدر جي عهدي تان هٽجڻ کانپوءِ ان کي ڇوٽ حاصل هوندي، جڏهن ته جيڪڏهن هو ٻيهر ڪا پبلڪ آفيس وٺندو ته ان جي ڇوٽ ختم ڪئي ويندي. آرٽيڪل 209 ۾ ترميم تحت سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي هيئت اهڙيءَ طرح هوندي ته وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس، ٻنهي عدالتن جو هڪ هڪ موسٽ سينيئر جج، ٻن سالن لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس طرفان نامزد هڪ جج، ٻه سينيئر ترين هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽس شامل هوندا. سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس مان جيڪو سينيئر هوندو هو ڪائونسل جو سربراهه هوندو. آرٽيڪل 206 ۾ ترميم تحت هاءِ ڪورٽ جو ڪوبه جج جيڪو وفاقي آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ جج طور مقرريءَ کان انڪار ڪندو يا سپريم ڪورٽ جو ڪو اهڙو جج جيڪو وفاقي آئيني عدالت ۾ مقرري قبول نه ڪندو اهو پنهنجي عهدي تان هٽيل تصور ٿيندو. آرٽيڪل 239 ۾ ترميم تحت ڪنهن آئيني ترميم تي ڪنهن عدالت طرفان سوال نه اُٿاري سگهبو. آرٽيڪل 260 ۾ ترميم تحت نئين شق 260 اي تحت سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت ۾ پهرين مُدي کان پوءِ جيڪو ٻنهي عدالتن ۾ سينيئر هوندو اهو چيف جسٽس آف پاڪستان سڏرائيندو. شق وار منظوريءَ کان پوءِ اسپيڪر بل جي منظوري جي طريقيڪار بابت آگاهه ڪيو. ان کان پوءِ پنجن منٽن تائين گهنٽيون وڄايون ويون. 27 آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ ميمبر اسپيڪر جي ساڄي پاسي طرف گيلرين طرف ويا جڏهن ته مخالفت ۾ ووٽ ڏيندڙ ميمبر کاٻي طرف گيلريءَ ۾ ويا. آرٽيڪل 175 تحت وفاقي آئيني عدالت جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، ان ۾ سمورن صوبن مان ججن جي برابر نمائندگي هوندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ جج اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ورتو ويندو. ججن جي مقرريءَ لاءِ ضروري آهي ته هو سپريم ڪورٽ جو جج هجي يا رهيو هجي، هاءِ ڪورٽ ۾ جج طور 5 سال خدمتون سرانجام ڏنيون هجن. هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جو 20 سال جو وڪيل طور تجربو هجي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جو حلف صدرِ مملڪت وٺندو جڏهن ته ميمبر ججن کان چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت جو حلف وٺندو. آئين جي ٽيڪل 199 تحت سپريم ڪورٽ يا آئيني بينچز وٽ ان ترميم جي منظوريءَ تائين سموريون پٽيشنز، اپيلون، ان آرٽيڪل تحت پاس حڪمن تي نظرثاني جون درخواستون، التوا جون درخواستون وفاقي آئيني عدالت کي منقتل ڪيو وينديون. وفاقي آئيني عدالت جي ججن لاءِ عمر 68 سال مقرر ڪئي وئي آهي.