اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي دنيا لاءِ سنگين خطرو برقرار آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ نه صرف سيڪيورٽي قدمن پر پارلياماني سهڪار، مالي نگراني ۽ اجتماعي سياسي عزم جي به ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ٻن ڏينهن واري بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي، جڏهن ته اسلام آباد پڌرائي گڏيل طور …
دهشتگردي دنيا لاءِ سنگين خطرو قرار: بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو گڏيل پڌرنامو جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي دنيا لاءِ سنگين خطرو برقرار آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ نه صرف سيڪيورٽي قدمن پر پارلياماني سهڪار، مالي نگراني ۽ اجتماعي سياسي عزم جي به ضرورت آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق ٻن ڏينهن واري بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس پڄاڻيءَ تي پهتي، جڏهن ته اسلام آباد پڌرائي گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ۽ باني چيئرمين آءِ ايس سي سيد يوسف رضا گيلاني دهشتگرديءَ کي وڏو چئلينج قرار ڏنو. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري اجلاس کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين چيو ته دهشتگردي دنيا لاءِ هڪ سنگين خطرو برقرار آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ نه صرف سيڪيورٽي قدمن پر پارلياماني سهڪار، مالي نگراني ۽ اجتماعي سياسي عزم جي به ضرورت آهي. هن اسلام آباد ۽ وانا ۾ تازن دهشتگرداڻن حملن جي مذمت ڪئي. هن گڏيل حڪمت عملي، گڏيل سهڪار ۽ هم آهنگ عالمي سهڪار جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جون عظيم قربانيون نمايان آهن. پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردن جو ڪوبه مذهب ناهي هوندو، هو انسانيت جا دشمن آهن. يوسف رضا گيلاني عالمي امن، استحڪام ۽ بحث لاءِ پاڪستان جي عزم جي تجديد ڪئي جنهن ۾ پارليامانن جي ڪردار کي گڏيل تفهيم ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مرڪزي قرار ڏنو. هن موسمياتي تبديلي جي عالمي چئلينجز کي اجاگر ڪندي زور ڀريو ته موسمياتي تبديليءَ جي تيز رفتار انساني بقا لاءِ هڪ حقيقي خطرو آهي. هن دهشتگردي، شدت پسندي، موسمياتي تبديلي ۽ انساني بحرانن جهڙن موجوده عالمي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي عالمي حڪمت عملي جي اپيل ڪئي. هن پارليامانن جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري سيشن دوران سينيٽ چيئرمين اسلام آباد پڌرائي به پيش ڪئي جنهن کي گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. ان پڌرائيءَ جا ڪجهه نُڪتا هي آهن. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي اسلام آباد پڌرائي گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي. جنهن ۾ سڄي دنيا جي پارليامانن جي اسپيڪرز گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي مسلم اُصولن تحت امن، سلامتي ۽ جامع ترقي جي تصورن سان پنهنجي پُختي وابستگيءَ جو ورجاءُ ڪيو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي مڃيو ته اڄ جي دنيا پيچيده ۽ تيزيءَ سان بدلجندڙ حالتن ۾ گهيريل آهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته پارلياماني بحث قانونسازيءَ ۾ جدت، عالمي رابطا ڪاري ۽ پارلياماني سفارتڪاريءَ ذريعي انهن مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هنن ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ته عالمي سطح تي گڏيل ڳنڍيل مسئلن جو حل گڏيل موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ اجتماعي پارلياماني عمل اڻٽر آهي ته جيئن عوام جي ترقي ممڪن ٿي سگهي. اسلام آباد پڌرائيءَ ۾ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي مينڊيٽ ۽ پارلياماني سفارتڪاريءَ جي توثيق ڪئي وئي جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن آءِ ايس سي کي معنيٰ واري پارلياماني بحث، ڳالهين جي ڏي وٺ ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي سگهه وڌائڻ جو اهم پليٽ فارم تسليم ڪيو ۽ اهو عزم ڪيو ته مفاهمتي يادداشتن، گڏيل ڪميٽين، پارلياماني ڪاڪسز، نوجوان پارليامينٽيرين جي خاص فورمز، اداره جاتي ڀائيواري ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺرائڻ ذريعي بين الپارلياماني سهڪار کي مضبوط ڪيو ويندو. هن آءِ ايس سي کي هڪ اثرائتي فورم طور تي مستحڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو جتي پارليامان پائيدار ترقي، تڪرارن جي حل، موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ، پاڻي، خوراڪ ۽ صحت جي تحفظ جهڙن مسئلن تي تجربن جي مٽاسٽا ۽ پارلياماني سفارتڪاريءَ ذريعي تڪرارن جو حل ۽ منصفاڻي ۽ پائيدار عالمي نظام جو بنياد مضبوط ڪرڻ ۾ پارلياماني سفارتڪاريءَ جي ڪردار تي زور ڀريو. پڌرائيءَ ۾ ان حقيقت کي تسليم ڪيو ويو ته پائيدار ترقي ڊگهي امن کان سواءِ ممڪن ناهي ۽ امن، انصاف، برابري ۽ جامع سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ کان سواءِ حاصل نٿو ٿي سگهي. پڌرائيءَ ۾ پارليامينٽن جي اهم ڪردار جي توثيق ڪئي وئي ته جيئن عالمي قانونن جي پاسداري، انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ ۽ قومن جي جائز حق جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. پڌرائيءَ ۾ انهن پارلياماني قدمن جي به حمايت ڪئي وئي جيڪي پُراڻن تڪرارن جي پُرامن حل، قانون جي حڪمراني ۽ ڳالهين واري مفاهمت ۽ شراڪت کي هڪ طرفي قدمن ۽ تڪرارن تي ترجيح ڏين ٿا. گڏيل پڌرائيءَ ۾ مصلحت، ٽياڪڙي ۽ فعال پارلياماني سفارتڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن اعتماد سازي، سياسي ۽ ثقافتي ويڇن کي گهٽ ڪرڻ ۽ تڪرارن ۾ گهٽتائي لاءِ اثرائتا بنياد قائم ڪري سگهجن. ان ڳالهه جي به حوصله افزائي ڪئي وئي ته غربت، موسمياتي دٻاءُ ۽ علائقائي تڪرار جهڙن عدم استحڪام جي عملن جي حل لاءِ پارليامينٽون اتفاق راءِ ۽ پائيدار ترقيءَ تي ٻَڌل سهڪار کي هٿي ڏين ته جيئن هڪ مستحڪم ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل هڪ عالمي معاشرو جوڙي سگهجي. پڌرائيءَ ۾ عهد ڪيو ويو ته قومي ۽ علائقائي ايجنڊائن کي پائيدار ترقيءَ جي هدف 2030ع مطابق جوڙڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي پارلياماني نگرانيءَ کي يقيني بڻايو ويندو. شرڪت ڪندڙن ڪمزور ۽ محروم طبقن سان خاص ڪري عورتن، نوجوانن، معذورن ۽ پُٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ قانونسازيءَ جي عمل کي مضبوط ڪرڻ جي عزم سان گڏوگڏ اهڙين ترقياتي ايجنڊائن جي حمايت ڪئي جيڪي مستقبل تي ٻَڌل هڪ جامع مضبوط ۽ ماحول دوست هجن ۽ ان جي برابر پهچ کي هٿي وٺرائي وڃي. پڌرائيءَ ۾ ڊجيٽل ويڇن جي خاتمي ۽ عوامي خدمتن جي فراهميءَ ۾ جدت آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو جڏهن ته اِي پارليامينٽ پليٽ فارمز جي به حمايت ڪئي وئي ته جيئن شهرين سان سڌيءَ ريت ۽ شفاف رابطي ڪاريءَ سان گڏوگڏ مصنوعي ذهانت جي استعمال ۽ هڪ بهتر حڪمرانيءَ جي طرز جي فريم ورڪ کي جوڙي سگهجي ۽ بنيادي انساني حقن جو احترام به يقيني بڻايو وڃي. شرڪت ڪندڙ پارليامينٽن اندر اداره جاتي، صلاحيتن ۾ واڌ کي به ترجيح ڏني ته جيئن قانونسازيءَ جي نگراني ۽ ڪميٽين کان علاوه ڪاڪسز کي مضبوط بڻائي سگهجي. پڌرائيءَ ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي، موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ، غربت، وبائي مرضن، سائبر سيڪيورٽي، چِڙ ڏياريندڙ تقريرن، زينوفوبيا ۽ اسلاموفوبيا جهڙن عالمي چئلينجز جو مقابلو اجتماعي سهڪار، گهڻي رُخي سهڪار ۽ ڳالهين ذريعي ڪرڻ جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو ۽ منصفاڻي وقت سر ۽ پهچ جوڳي ڪلائميٽ فنانسنگ تي به زور ڀريو ويو ته جيئن ڪو به ملڪ پائيدار ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي نه رهي. پڌرائيءَ ۾ سائنس تحقيق ۽ جدت ۾ مسلسل سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو ته جيئن اهڙو معاشرو جوڙي سگهجي جيڪو موجوده ۽ مستقبل جي بحرانن جو مقابلو ڪري سگهي. شرڪت ڪندڙن پڌرائيءَ ۾ جامع شفاف ۽ گڏيل علائقائي ڍانچي ۽ رابطن جي منصوبن کي هٿي ڏيڻ تي به زور ڀريو جيڪو علائقائي اتحاد، عوامي مٽاسٽا ۽ گڏيل خوشحاليءَ کي مضبوط بڻائين. هنن قومي پارليامينٽن تي زور ڀريو ته هو گڏيل اعتماد تي ٻَڌل قدمن ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ته جيئن تڪرارن ۾ گهٽتائي ڊگهي استحڪام کي هٿي ڏئي سگهجي. پڌرائيءَ جي آخر ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پارليامينٽون قائداڻو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون ۽ اسان گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي عالمي پڌرائيءَ ۾ بيان ڪيل اصولن کان رهنمائي حاصل ڪندا رهنداسين. شرڪت ڪندڙن ان اجتماعي ذميواريءَ جو ورجاءُ ڪيو ته امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقيءَ ذريعي هڪ اهڙو نظام جوڙينداسين جيڪو منصفاڻو، جامع ۽ سڀ لاءِ خوشحاليءَ جو سبب هجي.











