ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن …

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌي (خاص طور تي صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ) رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ جڏهن ته صبح/ رات جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪو ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ ٿڌي رهي. جڏهن ته پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 07، اسڪردو ۾ ڪاٽو 06، گلگت، زيارت ۾ ڪاٽو 03، قلات ۾ ڪاٽو 02، ڪوئيٽا ۽ استور ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں