اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سينيٽ اجلاس دوران مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ساڻس منهنجو تعلق چئن ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، عرفان صديقي هڪ باوقار، شفيق ۽ علم ۽ ادب سان گهرو تعلق رکندڙ شخصيت هئي جنهن صحافت جي ميدان ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو ۽ سياست ۾ به …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سينيٽ اجلاس دوران مرحوم سينيٽر عرفان صديقي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ساڻس منهنجو تعلق چئن ڏهاڪن تي ٻڌل آهي، عرفان صديقي هڪ باوقار، شفيق ۽ علم ۽ ادب سان گهرو تعلق رکندڙ شخصيت هئي جنهن صحافت جي ميدان ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو ۽ سياست ۾ به پنهنجون ذميواريون انتهائي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنيون. هن چيو ته سينيٽر عرفان صديقي مارچ 2021ع ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ۽ مختلف ڪميٽين جي چيئرمين جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀايون. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته 2019ع ۾ کيس ان وقت جي حڪومت هڪ سياسي قيدي به بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته سينيٽر عرفان صديقي سمورن ساٿين سان انتهائي شفقت ۽ خلوص سان پيش ايندو هو. هن بحيثيت پرزائيڊنگ آفيسر ايوان کي وڏي سنجيدگي سان هلايو. 2014ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کيس سندس قومي خدمتن جي اعتراف ۾ هلالِ امتياز سان نوازيو. هن وڌيڪ چيو ته عرفان صديقي ڪجهه هفتن کان بيمار هو پر آخري ڏينهن تائين پنهنجي دوستن سان رابطي ۾ رهيو. لاڏاڻي کان ٻه ڏينهن اڳ هن پنهنجي فرزند کي نصيحت ڪئي ته ”ميان نواز شريف کانسواءِ سمورا چيٽس ڊيليٽ ڪري ڇڏ“ اها سندس وفاداري ۽ اخلاص جي جهلڪ هئي. اسحاق ڊار چيو ته اڄ جي دور ۾ عرفان صديقي جهڙا باڪردار ۽ مخلص ماڻهو تمام گهٽ رهجي ويا آهن. هن ايوان کي ٻڌايو ته اڄ قومي اسيمبلي ۾ خورشيد شاهه به وهيل چيئر تي آيو، سندس صحت به ناچاڪ آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته آئيني ترميم دوران جڏهن عرفان صديقي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو ته کيس آڻڻ جي آڇ ڪئي وئي پر مون اخلاقي طور تي اهو مناسب نه سمجهيو ته رڳو ووٽ جي لاءِ بيمار سينيٽر کي ايوان ۾ آندو وڃي. پرڏيهي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم عرفان صديقي کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس گهرڀاتين کي صبر جميل ڏي.











