اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري بابت ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وزير، وزيراعظم جي ماليات بابت خاص معاون طارق باجوه، سامونڊي معاملن واري سيڪريٽري، ناڻي واري وزارت جي نمائندي ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري بابت ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڪراچي جي بندرگاهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري بابت ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري وزير، وزيراعظم جي ماليات بابت خاص معاون طارق باجوه، سامونڊي معاملن واري سيڪريٽري، ناڻي واري وزارت جي نمائندي ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين شرڪت ڪئي. ڪميٽي بندرگاهن جي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي مختلف منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت جو مقصد ڪراچي جي بندرگاهن کي عالمي معيار موجب جديد بڻائن، واپاري لاڳت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ بندرگاهي سرگرمين سان حاصل ٿيندڙ اقتصادي فائدن ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته بندرگاهن جي ڍانچي جي بهتري ۽ موثر انتظامي قدمن جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن پاڪستان جي واپاري ۽ معاشي مفادن کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي.











