ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ميثاقِ جمهوريت جي اڌورن وعدن کي پورو ڪيو پيو وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ذريعي ميثاقِ جمهوريت جي اڌورن وعدن کي پورو ڪيو پيو وڃي، آئيني عدالت جو قيام اسان جي تاريخي ڪاميابي آهي، 18هين آئيني ترميم سان پاڪستان ۾ عليحدگي پسندي جي سياست جو خاتمو ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين آئيني ترميم تي بحث ۾ حصو وٺندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ …

اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم ذريعي ميثاقِ جمهوريت جي اڌورن وعدن کي پورو ڪيو پيو وڃي، آئيني عدالت جو قيام اسان جي تاريخي ڪاميابي آهي، 18هين آئيني ترميم سان پاڪستان ۾ عليحدگي پسندي جي سياست جو خاتمو ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ 27هين آئيني ترميم تي بحث ۾ حصو وٺندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي اسان مذمت ڪريون ٿا ۽ ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته سياسي، نظرياتي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ملڪ جي سلامتي جي تحفظ ۽ دهشتگردن خلاف قوم جي حيثيت سان گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي فوج، سياستدان، سول سوسائٽي ۽ عوام پهريان به دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ مستقبل ۾ پڻ شڪست ڏيندي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ عوام اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جيڪو نيٽو فورسز ۽ پوري دنيا افغانستان ۾ نٿي ڪري سگهي، پاڪستان جي عوام قربانيون ۽ شهادتون ڏئي دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڃا به ڏيندي. هن چيو ته هڪ سال اڳ 26هين آئيني ترميم منظور ٿي، ان ۾ اسان جي ڪوشش هئي ته 18هين ترميم وانگر اتفاق راءِ سان آئين سازي ٿئي، ان جي نتيجي ۾ آئيني بينچ بڻجي وئي، اسان مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو، مولانا صاحب پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين سان گڏ اتفاق راءِ حاصل ڪيو. آئيني بينچ جي ترميم ۾ پي ٽي آءِ جي خدشن کي به شامل ڪيو ويو هو، جڏهن مولانا فضل الرحمان ووٽ ڏئي رهيو هو ته هن پي ٽي آءِ کان اجازت گُهري هئي، پي ٽي آءِ اسان آڏو مولانا کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني هئي. هن چيو ته 27هين ترميم تحت ميثاقِ جمهوريت جا اڌورا وعدا پوري ڪري رهيا آهيون. ڀارت کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف، آرمي چيف کي فيلڊ مارشل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ان عهدي کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به ترميم يا قانونسازي جي طاقت اها نه هوندي آهي ته اها ڪيتري وڏي اڪثريت سان منظور ٿئي ٿي، قانون سازيءَ جي طاقت اتفاق راءِ سان هوندي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ سمورين سياسي پارٽي گڏجي ملڪ کي آئين ڏنو جنهن کي ڪو آمر به ٽوڙي نه سگهيو. هن چيو ته 2008ع ۾ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ 18هين ترميم ذريعي صوبائي خودمختياري کي يقيني بڻايو ويو، 18هين ترميم اتفاق راءِ سان منظور ٿي هئي ۽ ڪنهن ۾ اها جرئت ناهي ته هو ان ترميم کي ختم ڪري، 18هين ترميم تي نه صرف پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) پر سمورين پارٽين جون صحيحون آهن، 27هين آئيني ترميم لاءِ اسان وٽ اڪثريت آهي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان تي اتفاق ناهي. حڪومت طرفان اسان کي جيڪو ترميم جو مسودو مليو اسان اهو پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي اجلاس کڻي وياسين، اسان ٻن ڏينهن تائين جائزو ورتو ۽ فيصلو ڪيو ته اسان ان ترميم جو ساٿ ڏئي ميثاقِ جمهوريت جي اڌورن وعدن کي پورو ڪنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي فيلڊ مارشل ۽ اسان جي هٿياربند فوج کي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، اسان جي هٿياربند فوج مودي سرڪار کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، ڀارت جا 6 جهاز ڪيرايا ويا ۽ ڀارت کي ان شڪست سان دنيا ۾ پاڪستان جي نئين سُڃاڻپ بڻجي وئي آهي ۽ قوم کي طاقت ملي آهي، پ پ فيصلو ڪيو ته ملڪ جنگ جي حالتن مان گذري رهيو آهي، شڪست کان پوءِ ڀارت افغانستان جي پرڏيهي وزير جي ميزباني ڪئي ۽ ان کانپوءِ اسان جي سرحدن ۽ شهرن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو پوري قوم آڏو آهي، انهن حالتن جي روشنيءَ ۾ پ پ فيصلو ڪيو ته هٿياربند فوج جي حوالي سان آرٽيڪل 243 ۾ جيڪي تبديليون ڪيون پيون وڃن پارٽي ان جو ساٿ ڏيندي ۽ فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ فراهم ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر جو اهو ڪم ناهي ته هو هڪ ليڊر لاءِ روئڻ پٽڻ ڪري، مخالف ڌُر جو ڪم اهو آهي ته اها حڪومت کي جوابده بڻائي ۽ ڪميٽين ۾ ويهي پنهنجون سفارشون ۽ تجويزون ڏي. آئين سازيءَ ۾ پ پ هميشه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، آئيني عدالت جي قيام جي تجويز تسليم ڪرڻ تي اسان حڪومت جا ٿورائتا آهيون، اها هڪ تاريخي ڪاميابي آهي، آئيني عدالت ۾ سمورن صوبن کي هڪجهڙي نمائندگي ملندي ۽ ان سان وفاق مضبوط ٿيندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جنهن عدالت موت جي سزا ڏني هئي ان ۾ برابريءَ جي بنياد تي نمائندگي نه هئي، عدالت جي ان فيصلي سان پاڪستان جي وفاق جون بنياديون لُڏي ويون هيون، ان فيصلي جا اثر اسان اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون ۽ اڄ اها هڪ غلطي کي درست ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته پ پ، مسلم ليگ (ن) جي جمهوري حڪومتن افتخار چوڌري جي پاڻمرادو نوٽسز کي ڀوڳيو آهي، ڪڏهن ٽماٽا ۽ ڪڏهن کنڊ جي قيمتن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو هو، ان ئي اختيار تحت چونڊيل وزيراعظم جي توهين ڪئي ويندي هئي، چونڊيل نمائندن جي تذليل ڪئي ويندي هئي، ان ئي اختيار کي استعمال ڪندي چيف جسٽس ڊيم بڻائڻ لاءِ نڪري پوندو هو، ان آئيني ترميم کان پوءِ هي رستو بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان جي ڊگهي جدوجهد ۾ اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي، مان پنهنجي اتحادين کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اسان کي ميثاقِ جمهوريت جي باقي نُڪتن تي پڻ عملدرآمد ڪرڻو پوندو، اسان کي ٽروٿ اينڊ ريڪنسليشن ڪميشن طرف وڌڻو پوندو، جيستائين سياستدان پنهنجي قسمت پنهنجي هٿن ۾ نٿا رکن ۽ هڪٻئي جو احترام نٿا ڪن ان وقت تائين هي هائوس ۽ ملڪ درست طور تي اڳتي نٿو وڌي سگهي، مخالف ڌر اختلاف ڪري ۽ احتجاج ڪري پر سياسي ميدان ۽ پارليامينٽ نه ڇڏي، ڊيڊ لاڪ مان نڪرڻ لاءِ ڳالهين جا دروازا کولڻا پوندا، هن چيو ته صوبن جي خودمختياري خلاف شقن جي اسان حمايت نٿا ڪري سگهون، ملڪ جي معاشي ترقي چاهيون ٿا پر ان لاءِ صوبائي خودمختياري تي ڪو سمجهوتو نٿا ڪري سگهون، جڏهن کان صوبائي حڪومت کي ڪجهه ٽيڪسن ۾ اجازت ملي آهي ان وقت کان ٽيڪس اوڳاڙين ۾ صوبن جي ڪارڪردگي بهتر ٿي آهي. جيڪڏهن ايف بي آر ۽ مالياتي ادارا ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا آهن ته ان جي سزا پنجاب ۽ ٻين صوبن کي نه ملڻ گهرجي، ٽيڪس وصولي جون ذميداريون صوبن کي ڏنيون وڃن ان سان بهتر نتيجا سامهون ايندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 18هين آئيني ترميم سان پاڪستان ۾ عليحدگي پسندي جي سياست جو خاتمو ڪيو ويو آهي ان لاءِ اهڙو ڪو فيصلو نه ڪيو وڃي جنهن سان عليحدگي پسندن کي ٻيهر اچڻ جو موقعو ملي. بلوچستان جا فيصلا ڪوئيٽه ۽ سنڌ جا فيصلا ڪراچيءَ ۾ هئڻ گهرجن. پ پ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي جي واپسيءَ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته عدليه ۾ سڌارن لاءِ اسان جي تجويزن کي تسليم ڪيو ويو آهي جنهن تي اسان حڪومت جا ٿورائتا آهيون، هاڻ ڪنهن به جج کي جبري طور تي رٽائر نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ به اسان جي پاليسي آهي، ان حوالي سان ترميمن جو جائزو ورتو ويندو، سمورن صوبن ۾ مڪاني نظام موجود آهي. سنڌ ۾ جيڪو مڪاني نظام موجود آهي ان ۾ مقامي حڪومت کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اختيار ڏنا ويا آهن، ڏکڻ پنجاب تي اتفاق راءِ موجود آهي، جيڪڏهن ان تي اڳتي وڌي سگهجي ٿو ته اسان کي خوشي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جي حوالي سان ڊيڊ لاڪ کي جمهوري انداز ۾ ختم ڪنداسين. منهنجي حڪومت کان درخواست آهي ته هائوس ۽ سياسي پارٽيون ان جي طاقت آهن، سمورين سياسي پارٽين جي سفارشن ۽ تجويزن سان حڪومت کي فائدو پهچندو.

مزید خبریں