حيدرآباد-12 نومبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جاري آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي جوڊو (ميل) چيمپئن شپ 2025-26 جي فائنل ۾ يونورسٽي آف سينٽرل پنجاب لاهور شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. يونورسٽي آف لاهور ٻي ۽ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن کي ٽرافين ۽ ميڊلز سان نوازيو، فائنل مقابلن ۾ يونورسٽي آف …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي جوڊو چيمپئن شپ جو شاندار فائنل، يونورسٽي آف سينٽرل پنجاب فائنل کٽي ورتو

مزید خبریں
حيدرآباد-12 نومبر (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جاري آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي جوڊو (ميل) چيمپئن شپ 2025-26 جي فائنل ۾ يونورسٽي آف سينٽرل پنجاب لاهور شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. يونورسٽي آف لاهور ٻي ۽ اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال فاتح ۽ رنر اپ ٽيمن کي ٽرافين ۽ ميڊلز سان نوازيو، فائنل مقابلن ۾ يونورسٽي آف سينٽرل پنجاب 5 گولڊ، 2 سلور ۽ 1 برونز حاصل ڪري فائنل پنھنجي نالي ڪيو، سخت مقابلن کان پوءِ محمد عثمان 50 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل، حسنين 55 ڪلوگرام ۾ گولڊ، حضيفه 66 ڪلوگرام ۾ گولڊ، شمس 100 پلس ۽ اوپن ڪيٽيگري ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا، جڏهن ته معاذ ۽ حمزه سلور ميڊل ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ٻي پوزيشن تي يونورسٽي آف پنجاب رهي، جنهن 3 گولڊ، 2 سلور ۽ 1 برونز ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور 2 گولڊ، 1 سلور ۽ 3 برونز ميڊل سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، ان موقعي تي خاص مهمان ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد ملڪ جي سمورن يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ راندين جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، جيئن اهي پنهنجي قابليت ظاهر ڪري سگهن ۽ قومي سطح تي پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪري سگهن. هن چيو ته هن چيمپئن شپ مان منتخب ٿيندڙ رانديگر 55 ھين قومي راندين ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا ۽ پنهنجي يونيورسٽين ۽ ھيڪ جو نالو روشن ڪندا. هن فاتح ٽيم ۽ رنر اپ ٽيم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني، ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادا پڻ ھيڪ، وائيس چانسلر ۽ سمورن يونيورسٽين جي شريڪ آفيسرن جو شڪريو ادا ڪيو.











