چين پاران پاڪستان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت

بيجنگ-12 نومبر (اي پي پي) چين، اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گيوجياڪون اربع ڏينهن بريفنگ دوران چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مخالفت ڪري ٿو. هن چيو ته چين ان دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو. چيني ترجمان …

بيجنگ-12 نومبر (اي پي پي) چين، اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گيوجياڪون اربع ڏينهن بريفنگ دوران چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مخالفت ڪري ٿو. هن چيو ته چين ان دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪري ٿو. چيني ترجمان تصديق ڪئي ته شروعاتي اطلاعن مطابق حملي ۾ ڪنهن به چيني شهري کي ڪنهن قسم جو نقصان نه پهتو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته چين دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن، سماجي استحڪام ۽ عوام جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو.