اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو مقصد گورننس ۽ انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي، اهو ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سوچ ۽ بحث جو نتيجو آهي پر افسوس پي ٽي آءِ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ انهن جو اڳواڻ مٿاهُون آهي، مُخالف ڌُر پنهنجي يادداشت وڃائي چڪي آهي، انهن جون سموريون …
ستاويهين آئيني ترميم جو مقصد گورننس ۽ انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي: عطاءُ الله تارڙ
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جو مقصد گورننس ۽ انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي، اهو ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سوچ ۽ بحث جو نتيجو آهي پر افسوس پي ٽي آءِ جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ انهن جو اڳواڻ مٿاهُون آهي، مُخالف ڌُر پنهنجي يادداشت وڃائي چڪي آهي، انهن جون سموريون حالتون ۽ واقعا 2022ع کان پٺتي نه ٿا وڃن، هي حقيقتن کي پٺتي وجهي رهيا آهن، پي ٽي آءِ دور ۾ آئين سان مذاق ڪيو ويو، جڏهن قاسم سوري آئين ٽوڙي رهيو هو ته اهي ڇو چپ هئا، پي ٽي آءِ 27هين ترميم جي لاءِ ڪا تجويز پيش نه ڪئي، وانا ۾ 500 کان وڌيڪ ڪيڊٽس کي حفاظت سان بازياب ڪرايو ويو آهي، ڇا ڪنهن پي ٽي آءِ واري وانا ڪيڊٽ ڪاليج حملي تي مذمتي بيان ڏنو، اسان جي مُخالف ڌر رڳو ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب ۽ فيس بڪ جي سياست ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن جون سموريون تقريرون ٻڌي اهو گمان ٿيو ته اها پنهنجي يادداشت وڃائي چڪي آهي، انهن جون سموريون حالتون ۽ واقعا 2022ع کان پٺتي نه ٿا وڃن، اهي حقيقتن کي پٺتي وجهي رهيا آهن، جڏهن هي پارليامينٽ مشاورت ۽ سياسي عمل تحت آئيني ترميم ڪرڻ وڃي رهي آهي ته اهو انهن کا برداشت نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ آئين سان مذاق ڪيو ويو، قاسم خان سوري آئين کي پائمال ڪيو، پارليامينٽ کي ٽوڙيو ان وقت هي ڇو خاموش هئا، ڇا ان وقت انهن اهو چيو ته ”ايسي دستور ڪو صبح بي نور ڪو مين نهين مانتا مين نهين مانتا“، ان وقت پوري پارٽي هڪ لفظ به نه ڪُڇيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اسان به شاگردي جي دور ۾ سياست جي شروعات ڪئي، مُخالف ڌُر ۾ اهڙا ماڻهو به ويٺل آهن جيڪي ڪڏهن اسان جي پارٽي سان واڳيل رهيا آهن پر نفرت پيدا ڪندڙ اهو شخص ڪير هو جنهن کي پنهنجي ذات قومي مفاد کان وڌيڪ عزيز هئي، اهو ڪير شخص هو جنهن ملڪ جي اندر نفرت جو ٻج ڇٽيو، ڇا اهو اڄ معافي گهرندو ته مينار پاڪستان جي هيٺ بيهي مشرف جي ريفرنڊم جي دوران پولنگ ايجنٽ بڻيو، ڇا اهو هن ايوان ۾ ويهي آئين ٽوڙڻ تي معافي وٺندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اهي سياسي ماڻهو نه آهن، ڇا انهن آئين تي شق وائيز ڪي تجويزون ڏنيون. هن چيو ته ڪاش اسان کي سياسي مُخالف ڌُر ملي ها، انهن جي سوچ 2020ع کان اڳتي نه ٿي وڃي، انهن جي حڪومت جي دور ۾ اسان انهن ئي بئنچن تي ويهي انهن کي سمجهائيندا هئاسين ته سياسي مخالفت کي دشمني ۾ نه بدلايو. هن چيو ته اسان پيپلزپارٽي ۽ ٻين پارٽين سان ميثاق جمهُوريت ڪيو جنهن جو مقصد افهام تفهيم سان جمهوري عمل کي مستحڪم ڪرڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ اهي چور دروازي جي ذريعي اقتدار ۾ آيا، اڄ ان تي انهن کي هن ايوان ۾ معافي وٺڻ گهرجي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن کي فارم 47 جي ته ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته هن ايوان ۾ اهڙا ماڻهو به ويٺل آهن جن کي رزلٽ ته پري جي ڳالهه پنهنجي گهر مان نڪرڻ نه ڏنو ويو هو، ڪيترن ئي ماڻهن جا پيارا دنيا مان رخصت ٿيا پر انهن جا جنازا نه کڄڻ ڏنا ويا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي اندر ڪيترائي ڌڙا آهن، پنهنجي دور ۾ اهي اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل نظر ايندا هئا ۽ حڪمرانن جا قصيدا پڙهندا هئا پر مشڪل وقت ايندي ئي پهرين فلائيٽ ۾ ملڪ ڇڏي هليا ويا، اڄ به ٻاهرئين ملڪ ويهي ادارن جي توهين ڪري رهيا آهن. هن چيو ته محمود خان اچڪزئي جي تقرير تي افسوس ٿيو، هن 27هين ترميم تي ڳالهه ڪندي ڪابل جو ذڪر ڪيو، اها نئين روايت آهي ته اهڙي ڳالهه ڪريو جيڪا افغانستان ۽ ڀارت ۾ هيڊ لائين بڻجي، ان جي تقرير جو خلاصو ڪڍو ته ان ۾ ڪابل کانسواءِ ڪجهه نه آهي. سندس چوڻ هو ته مُخالف ڌُر ۾ موجود ڪنهن شخص پارليامينٽري بالادستي يا آئيني نظام جو مطالعو ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڪيو هجي ها ته ٻڌائين ها ته مهذب ملڪن ۾ ايگزيڪيوٽو ۽ ليجسليٽر جو ڪهڙو ڪردار آهي. هن چيو ته وڊيو ٺاهي صبح بي نور لکڻ آسان آهي پر آئيني دستاويز تي سنجيده ڳالهه ٻولهه ڪرڻ مشڪل آهي، ڇا مُخالف ڌُر پارلياماني پارٽي جي گڏيل ميٽنگ گهرائي، ڪنهن هڪ شق تي مشاورت ڪئي، نه ڇو ته اهي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کانسواءِ ڪجهه نه ڪندا جنهن شيءَ تي وڌيڪ ويوز ايندا ۽ تماشو لڳندو اهي ايوان ۾ اها ڳالهه ڪندا. هن چيو ته 27هين آئيني ترميم تي ڳالهه ٻولهه اڄ کان شروع ناهي ٿي پر ميثاق جمهُوريت جي وقت کان جاري آهي، گذريل سالن کان آئيني عدالتن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وانا جي اندر 5 سئو کان وڌيڪ شاگردن کي بازياب ڪرايو ويو پر مُخالف ڌُر ان تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، انهن جي اڳواڻ جي ايڪس اڪائونٽ تي غيرملڪي شخصيتن جي لاءِ تعزيتي پيغام ته اچن ٿا پر ميجر عدنان جهڙن شهيدن تي ٻه لفظ نه ٿا چيا وڃن، غزه جي مظلومن تي خاموشي اختيار ڪن ٿا، مذهب جي ڳالهه ڪن ٿا پر پنهنجي ڪردار کا انڪار ڪن ٿا. هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ انهن جي ئي اڳواڻ ريڊ لائينز ڪراس ڪرڻ جو حڪم ڏنو، شهيدن جون يادگارون مسمار ڪيون ويون، دفاعي ادارن تي حملا ٿيا، ڪور ڪماندر هائوس، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين عمارتن تي حملا ڪيا ويا، ڪارڪنن کي اتساهيو ويو پر بعد ۾ انهن جي ڪا خبر نه ورتي وئي، اهي سياسي ڪارڪنن کي استعمال ڪري پنهنجي مفادن جي لاءِ ڏوهن تي اتساهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته مُخالف ڌُر بل ناهي پڙهيو، ڪنهن شق تي تجويز نه ڏني، ڪنهن ڪميٽي ۾ شرڪت نه ڪئي، انهن جي سياست رڳو گوڙ ڪرڻ ۽ ويوز وڌائڻ تائين محدود آهي، انهن جي موريليٽي 2022ع کانپوءِ جي آهي، شهريار آفريدي تمام سٺيون ڳالهيون ڪيون ۽ ملڪي سياست تي روشني وڌي، ڪيترو نه سٺو ٿئي ها ته جڏهن هن ملڪ ۾ عورتن کي جيلن ۾ وجهڻ جو سلسلو ان جي پارٽي شروع ڪيو هو ته ان تي به ٿوري ڳالهه ڪري وٺي ها، انهن جي ان فسطائيت رجيم کان اڳ ملڪ ۾ اهو رواج نه هو ته مائرن ڀينرن ڌيئرن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو وڃي، اسان جي معاشري ۾ ماءُ ڀينر ڌيءَ جو وڏو قدر آهي پر اهو ڪم انهن جي حڪومت شروع ڪيو، اسان تڏهن به انهن کي سمجهائيندا هئاسين ته وقت هڪ جهڙو ناهي رهندو پر انهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي، اهي اڄ به انهي روش تي قائم آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مئي ۾ جنگ کانپوءِ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ عزت ۾ اضافو ٿيو، اسان جتي وڃون ٿا ماڻهو پاڪستان کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هن چيو ته سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ ميوچل ڊفينس معاهدو ٿيو، اڪنامڪ فريم ورڪ لانچ ٿيو، رياض شهر ۾ 25 ڪلوميٽر تائين پاڪستان جا جهنڊا لڳل ڏسڻ ۾ آيا ۽ پاڪستان جي سائي پاسپورٽ کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته رڳو آڪٽوبر جي مهيني ۾ پاڪستان کي 3.4 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو آيو جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ آهي، پي ٽي آءِ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي بائيڪاٽ جو سڏ ڏنو هو ته پاڪستان ۾ مٽاسٽا جو ناڻو نه موڪلين پر انهن جي ان سڏ جي باوجود مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اڄ جنگ کٽڻ جي ڪري پاڪستان جي عزت آهي، معيشت بحال ٿي آهي، هڪ بهادر ۽ جرئتمند قيادت موجود آهي نه ته انهن ئي بئنچن تي بيهي باني پي ٽي آءِ چيو هو ته آئون ڇا ڪريان حملو ڪري ڇڏيان پر قوم ثابت ڪيو ته جڏهن قيادت مضبوط هجي، فيلڊ مارشل عاصم منير جهڙو ليڊر ملٽري قيادت کي ميسر هجي ته پوءِ اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو معرڪه حق ۾ ڀارت سان ٿيو. هن چيو ته هاڻي افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي، وانا جي شاگردن کي جنهن جرئتمندي سان بازياب ڪرايو ويو ان تي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وفاقي وزير چيو ته اپوزيشن نه آئين پڙهيو آهي نه 27هين ترميم، رڳو گذريل چئن سالن جي داستان آهي جنهن تي رڙيون ۽ روڄ راڙو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ساڍا 12 سالن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي پر نه ڪا يونيورسٽي ٺهي نه اسپتال، انهن جو وڏو وزير وانا واقعي جي وقت ڪرڪيٽ کيڏي رهيو هو. هن چيو ته هي ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون، 27هين آئيني ترميم جو مقصد گورننس ۽ انصاف جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي، اهو ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سوچ ۽ بحث جو نتيجو آهي پر افسوس انهن جي لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ انهن جو اڳواڻ مٿاهُون آهي، اهي چون ٿا ته فلاڻو نه آهي ته پاڪستان نه آهي، شخصيت پرستي ۾ انهن کي اهڙي سوچ به ڪيئن اچي وڃي ٿي، اهي پاڪستان کان اڳتي پنهنجي ليڊر کي رکن ٿا، اها ئي سوچ فسطائيت جو بنياد آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي بقاءَ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.












