وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر بلال فاروق تارڙ جي مُلاقات

اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر بلال فاروق تارڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بلال فاروق تارڙ کي اين اي 66 وزيرآباد ۾ تازي ضمني چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ تڪ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي …

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر بلال فاروق تارڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بلال فاروق تارڙ کي اين اي 66 وزيرآباد ۾ تازي ضمني چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ تڪ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله به ان موقعي تي موجود هو.