اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي بيلاروس جي وفد جي سربراهه پارليامينٽ ميمبر ۽ بيلاروس جي اڳوڻي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ سرگئي ايلينڪ جي شرڪت کي ساراهيندي پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بيلاروس جي اڳوڻي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ جي ملاقات
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي موقعي تي بيلاروس جي وفد جي سربراهه پارليامينٽ ميمبر ۽ بيلاروس جي اڳوڻي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ سرگئي ايلينڪ جي شرڪت کي ساراهيندي پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.












