اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 2025ع جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي فيڊرل نيشنل ڪائونسل جي ميمبر احمد مير هاشم کوري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ هاشم کوري جي شرڪت ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي فيڊرل نيشنل ڪائونسل جي ميمبر احمد مير هاشم کوري جي ملاقات
اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 2025ع جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي فيڊرل نيشنل ڪائونسل جي ميمبر احمد مير هاشم کوري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ هاشم کوري جي شرڪت ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي ڀائراڻي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي ساراهيندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












