اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار امن، استحڪام ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن يعني خودمختيار برابري، تڪرارن جي پرامن حل، عدم مداخلت ۽ قومن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن تي ٻڌل آهي، …
پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن يعني خودمختيار برابري، تڪرارن جي پرامن حل، عدم مداخلت ۽ قومن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن تي ٻڌل آهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار امن، استحڪام ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن يعني خودمختيار برابري، تڪرارن جي پرامن حل، عدم مداخلت ۽ قومن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن تي ٻڌل آهي، علائقائي رابطن، واپاري سهولت ۽ سيڙپڪاري جي حصيداري جي ذريعي معيشتون گڏيل خوشحالي حاصل ڪري سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن علائقائي تعاون، تڪرارن جي روڪٿام ۽ برابر ترقي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل وڪالت جو ذڪر ڪندي چيو ته استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه سدائين کان اسان جو ترجيحي ذريعو رهيو آهي. هن سڄي دنيا مان آيل پارليامينٽ ميمبرن، نمائندن ۽ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته انهن جي موجودگي ان گڏيل يقين جي عڪاسي ڪري ٿي ته قومن جي وچ ۾ تعاون امن ۽ ترقي جو سڀ کان يقيني رستو آهي. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني جي ويزن موجب سينيٽ آف پاڪستان تحت منعقد ٿيندڙ هن ڪانفرنس گهڻ رخي پائيداريت جي ذريعي امن، سلامتي ۽ ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي سفر جي تعريف سدائين ريزيلينس، مڪالمي ۽ حصيداري سان ٿئي ٿي، بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس انهن اصولن کي ٺوس نتيجن ۾ بدلائڻ جي لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي جيڪي علائقائي استحڪام کي مضبوط ڪن ٿا. هن چيو ته اڄ سفارتڪاري وزارتن ۽ روايتي مشنز کان اڳتي وڌي آهي، عوامي بيداري ۽ پارلياماني مصروفيت سان سگهه ملي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته پارلياماني سفارتڪاري عوامي نمائندن جي موقف کي عالمي ڳالهه ٻولهه ۾ آڻي روايتي سفارتڪاري جي تڪميل ڪري ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته علائقائي رابطن، واپاري سهولت ۽ سيڙپڪاري جي حصيداري جي ذريعي معيشتون خوشحالي حاصل ڪري سگهن ٿيون. جاري عالمي چئلينجز جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دنيا تبديلي جي هڪ اهڙي دور جو مشاهدو ڪري رهي آهي جنهن ۾ گهڻ رخي ادارن تي اعتماد ۾ گهٽتائي، وڌندڙ جاگرافيائي سياسي دشمنين، موسمياتي بحرانن، دهشتگردي ۽ وڌندڙ اڻبرابري جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ان صورتحال ۾ اهڙي طرح جا فورمز غيرمعمولي اهميت رکن ٿا. نائب وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي کي نه رڳو محفوظ ڪرڻ گهرجي پر شموليت ۽ عوامي نمائندن جي فعال شرڪت جي ذريعي ان کي زندهه رکڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته هن سال جي ٿِيم ”امن، سلامتي ۽ ترقي“ هڪ سادي پر طاقتور سچائي تي زور ڏي ٿي ته امن ترقي کي قابل بڻائي ٿو، ترقي امن کي برقرار رکي ٿي ۽ سلامتي ترقي کي مضبوط ڪري ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ادارن کي جوابده ۽ جامع هجڻ گهرجي ته جيئن امن ۽ ترقي جا ثمر سمورن ماڻهن تائين پهچن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار وانا ۽ اسلام آباد ۾ تازي دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي جن ۾ 15 شهادتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان واضح طور تي هر قسم جي دهشتگردي کي رد ڪيو آهي، اهي بزدلاڻيون ڪارروايون ان لعنت کي ختم ڪرڻ جي اسان جي قومي عزم کي ڪڏهن به ڪمزور نه ڪنديون. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڳالهه ٻولهه، افهام تفهيم ۽ حصيداري ئي امن ۽ سلامتي جو واحد پائيدار رستو آهي. نائب وزيراعظم ياد ڏياريو ته جولاءِ 2025ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت دوران پاڪستان گهڻ رخي پائيداريت جي ذريعي عالمي امن کي فروغ ڏيڻ تي هڪ کليل بحث ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ پرامن تڪرارن جي حل جي لاءِ مڪينزم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اهتمام هيٺ هڪ قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي هئي. هن چيو ته پاڪستان جو تجربو منفرد طور تي ان کي گلوبل سائوٿ ۽ گلوبل نارٿ جي وچ ۾ ۽ خطن سميت تهذيبن جي وچ ۾ هڪ پُل جي طور تي رکي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ پُل ٺاهيندڙ، خطن کي متحد ڪرڻ، اسرندڙ دنيا جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ انصاف ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي امن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجون خدمتون جاري رکڻ جي لاءِ تيار آهي.












