اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي شقن تحت ڀارت جي خلاف پاڪستان پاران شروع ڪيل ثالثي جي تناظر ۾ ثالثي عدالت جي تازي فيصلي جو نوٽيس ورتو آهي جنهن ۾ عدالت جي 8 آگسٽ 2025ع جي ”ايوارڊ آن ايشوز آف جنرل انٽرپريٽيشن آف دي انڊس واٽر ٽريٽي“ جي ثالثي جي ڪجهه رخن تي ڪارائتي وضاحت پيش ڪئي …
پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي شقن تحت ڀارت جي خلاف پاڪستان پاران شروع ڪيل ثالثي جي تناظر ۾ ثالثي عدالت جي تازي فيصلي جو نوٽيس ورتو آهي: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد- 12 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي شقن تحت ڀارت جي خلاف پاڪستان پاران شروع ڪيل ثالثي جي تناظر ۾ ثالثي عدالت جي تازي فيصلي جو نوٽيس ورتو آهي جنهن ۾ عدالت جي 8 آگسٽ 2025ع جي ”ايوارڊ آن ايشوز آف جنرل انٽرپريٽيشن آف دي انڊس واٽر ٽريٽي“ جي ثالثي جي ڪجهه رخن تي ڪارائتي وضاحت پيش ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان فيصلي جي متوازي طور تي جاري ڪيل پروسيجرل آرڊر جو پڻ نوٽيس ورتو آهي جيڪو ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿو ته عدالت مرحليوار انهن ڪاررواين کي جاري رکندي ۽ سنڌ طاس معاهدي جي آرٽيڪل IX ۽ ان سان گڏ ضمني دستاويز ايف تحت غيرجانبدار ماهر آڏو ٿيندڙ ڪارروائي کي نظر ۾ رکندي. ترجمان چيو ته غيرجانبدار ماهرن جي ڪارروائي ڀارت جي درخواست تي شروع ڪئي وئي هئي جنهن جو ايندڙ مرحلو ويانا ۾ شيڊول تحت 17 کان 21 نومبر تائين ٿيڻو آهي، جڏهن ته ڀارت پنهنجي شرڪت روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان نيڪ نيتي سان غيرجانبدار ماهرن جي ڪاررواين ۾ مڪمل طور تي شرڪت جاري رکي آهي. ان حوالي سان نيوٽرل ايڪسپرٽ فيصلو ڏنو آهي ته ڀارت جي عدم شرڪت اڳتي وڌندڙ ڪارروائي ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهي.












