اسلام آباد-12نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ايران جي ڊپٽي اسپيڪر علي نيڪ زاد پارلياماني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ايران لاڳاپا، پارلياماني تعاون، اقتصادي حصيداري ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر علائقائي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ايران جي ڊپٽي اسپيڪر جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-12نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ايران جي ڊپٽي اسپيڪر علي نيڪ زاد پارلياماني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ايران لاڳاپا، پارلياماني تعاون، اقتصادي حصيداري ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر علائقائي استحڪام ۽ ترقي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران برادر پاڙيسري ملڪ آهن جيڪي گڏيل تاريخ، مذهب ۽ ثقافت جي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. اسپيڪر ايراني هم منصب ڊاڪٽر محمد باقر قاليباف جي تازي دوري کي ٻطرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني سطح تي تعاون وڌائڻ، عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ، مسلمان ملڪن وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي ضرورت تي زور پڻ ڀريو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ايراني عوام لاءِ ٻيو گهر آهي، ڀارت سان جنگ ۾ ايراني حمايت تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان 7 رافيل جهاز ماري ڪيرايا ۽ ڀارت کي شڪست ڏني. پاڪستان هميشه تڪرارن جي پرامن حل جو خواهشمند آهي، افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، پاڪستان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي. اسپيڪر چيو ته اسرائيل ايران تي حملو ڪيو ته پاڪستاني پارليامينٽ هڪ زبان قرارداد ذريعي اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي، ايران ۽ پاڪستان جا گڏيل دشمن به آهن جن ۾ اسرائيل شامل آهي. ايران جو اسرائيل کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. هن ايراني ڊپٽي اسپيڪر جي ايندڙ 5 سالن جي ترقياتي پروگرامن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايراني ڊپٽي اسپيڪر اسلام آباد ۾ هاڻوڪي ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويلن لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو، هن 12 ڏينهن جي جنگ دوران پاڪستاني حمايت کي ساراهيو ۽ ان کي يادگار قرار ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن.











