فلپائن ۾ سامونڊي طوفانن سبب فوتين جو انگ 259 ٿي ويو، لکين بي گهر

منيلا-12 نومبر(اي پي پي)فلپائن ۾ تازو آيل ٻن طاقتور سامونڊي طوفانن تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 259 ٿي ويو آهي جڏهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. فلپائن جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري(اين ڊي آر آر ايم سي) موجب فنگ وونگ سامونڊي طوفان سبب 27 ماڻهو فوت ۽ 2 لاپتا آهن، جڏهن ته ڪالماگي طوفان سبب شديد برساتن ۽ …

منيلا-12 نومبر(اي پي پي)فلپائن ۾ تازو آيل ٻن طاقتور سامونڊي طوفانن تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 259 ٿي ويو آهي جڏهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. فلپائن جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري(اين ڊي آر آر ايم سي) موجب فنگ وونگ سامونڊي طوفان سبب 27 ماڻهو فوت ۽ 2 لاپتا آهن، جڏهن ته ڪالماگي طوفان سبب شديد برساتن ۽ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 232 ماڻهو فوت ٿيا آهن. 112 لاپتا آهن جڏهن ته 500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ٻنهي طوفانن جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ رهائشي گهرن، زرعي زمينن، روڊن ۽ پلين کي شديد نقصان پهتو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب لکين ماڻهو محفوظ علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري چڪا آهن.