يوڪرين سان ڳالهين لاءِ هر وقت تيار آهيون: روس

استنبول -12 نومبر (اي پي پي) روس چيو آهي، ته يوڪرين سان ڳالهين لاءِ هر وقت تيار آهيون. ميڊيا رپورٽن موجب روس اعلان ڪيو آهي، ته ترڪيه ۾ روس جي نگران سفير  (چارج ڊي افيئرز) اليگزي ايوانوف پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي، ته روس ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي، ته اسان يوڪرين سان سڌي ريت ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته ترڪيه پڻ ان ڳالهه تي زور ڀريو …

استنبول -12 نومبر (اي پي پي) روس چيو آهي، ته يوڪرين سان ڳالهين لاءِ هر وقت تيار آهيون. ميڊيا رپورٽن موجب روس اعلان ڪيو آهي، ته ترڪيه ۾ روس جي نگران سفير  (چارج ڊي افيئرز) اليگزي ايوانوف پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو آهي، ته روس ڪيترائي ڀيرا واضح ڪيو آهي، ته اسان يوڪرين سان سڌي ريت ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته ترڪيه پڻ ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي، ته استنبول ڳالهين وارو پليٽ فارم هاڻي فعال آهي ۽ ٻنهي ڌرين لاءِ دروازا کليل آهن. هن چيو ته جيڪڏهن يوڪرين سياسي عزم جو مظاهرو ڪري ته اسان ڪنهن به وقت ڳالهين لاءِ تيار آهيون. جڏهن ته هن وقت تائين يوڪرين روس جي پيش ڪيل تجويزن تي ڪو به رد عمل ظاهر ناهي ڪيو.