پر امن ايٽمي معاهدي تائين پهچڻ چاهيون ٿا:ايران

ابو ظهبي -12 نومبر(اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان هڪ پر امن ايٽمي معاهدي تائين پهچڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده جو چوڻ آهي ته ايران هڪ پر امن ايٽمي معاهدي جو خواهشمند آهي. خطيب زاده ابوظهبي اسٽريٽجڪ فورم جي 12هين ايڊيشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان ايٽمي هٿيار نٿا چاهيون ۽ دنيا کي يقين ڏيارڻ لاءِ تيار آهيون. هن پنهنجي مقامي …

ابو ظهبي -12 نومبر(اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان هڪ پر امن ايٽمي معاهدي تائين پهچڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده جو چوڻ آهي ته ايران هڪ پر امن ايٽمي معاهدي جو خواهشمند آهي. خطيب زاده ابوظهبي اسٽريٽجڪ فورم جي 12هين ايڊيشن ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان ايٽمي هٿيار نٿا چاهيون ۽ دنيا کي يقين ڏيارڻ لاءِ تيار آهيون. هن پنهنجي مقامي طور تي تيار ڪيل ايٽمي پروگرام تي فخر جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته قومي سلامتي جي معاملن ۾ ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ٿيندو. نائب پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ايران کي آمريڪا پاران ٽئين ڌر ذريعي غلط پيغام مليا آهن ان کان اڳ پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو هيو ته موجوده حالتن ۾ آمريڪا سان ڳالهيون ممڪن ناهن. ٻنهي ڌرين طرفان مفادن جو معاهدو ممڪن ٿيو ته ايران ان تي غور ڪري سگهي ٿو، اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو هو ته ايران پابنديون ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ هو ان موضوع تي ڳالهين لاءِ تيار آهي.