بلغراد-12 نومبر(اي پي پي) سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ چيو آهي ته يورپي ملڪ روس سان امڪاني فوجي ويڙهه جي تيارين ۾ مصروف آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته صورتحال ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندي پئي وڃي ته يورپ ۽ روس وچ ۾ جنگ جا امڪان وڌي رهيا آهن. صدر اليگزينڊر ووچچ چيو ته جڏهن مان حقيقت جو جائزو وٺندو آهيان ته ان نتيجي تي پهچندو آهيان ته يورپ ۽ …
يورپ روس سان امڪاني جنگ جي تياري ڪري رهيو آهي: سربيا
بلغراد-12 نومبر(اي پي پي) سربيا جي صدر اليگزينڊر ووچچ چيو آهي ته يورپي ملڪ روس سان امڪاني فوجي ويڙهه جي تيارين ۾ مصروف آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته صورتحال ڏينهون ڏينهن واضح ٿيندي پئي وڃي ته يورپ ۽ روس وچ ۾ جنگ جا امڪان وڌي رهيا آهن. صدر اليگزينڊر ووچچ چيو ته جڏهن مان حقيقت جو جائزو وٺندو آهيان ته ان نتيجي تي پهچندو آهيان ته يورپ ۽ روس وچ ۾ جنگ جا آثار نمايان آهن. اهي رڳو ڳالهيون ناهن هر ڪو ان لاءِ تياري ڪري رهيو آهي. هن فرانس جي فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل فابين مانڊون جي ان بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته فرانس جي فوج کي ايندڙ ٽن کان 4 سالن ۾ روس سان امڪاني ويڙهه لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڏني وئي آهي. اليگزينڊر ووچچ وڌيڪ چيو ته سربيا هڪ مشڪل پوزيشن ۾ آهي ڇو ته اولهه جي ملڪن ۽ روس جي مخالف مقصدن وچ ۾ توازن قائم رکڻ آهي. سندس موجب سربيا کي پنهنجي هٿيار بند فوج کي مضبوط ڪرڻو پوندو ته جيئن هو پنهنجي خود دفاعي صلاحيت کي برقرار رکي سگهي.











