اسرائيل غزه ۾ ٻارن جي ويڪسين ۽ کير جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي: يونيسيف

نيويارڪ -12 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسف انڪشاف ڪيو آهي، ته اسرائيل غزه جي قبضي واري علائقي ۾ بنيادي  امدادي سامان جي رسد روڪي رهيو آهي جنهن ۾ ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪا ۽ کير جون بوتلون شامل آهن. انهن قدمن سان غزه ۾ امدادي ادارن کي ضرورتمندن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسفيف جي ترجمان ريڪارڊو پيرس ٻڌايو …

نيويارڪ -12 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري يونيسف انڪشاف ڪيو آهي، ته اسرائيل غزه جي قبضي واري علائقي ۾ بنيادي  امدادي سامان جي رسد روڪي رهيو آهي جنهن ۾ ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪا ۽ کير جون بوتلون شامل آهن. انهن قدمن سان غزه ۾ امدادي ادارن کي ضرورتمندن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسفيف جي ترجمان ريڪارڊو پيرس ٻڌايو ته ادرو ٻارن لاءِ 16 لک انجيڪشنون ۽ ويڪسين کي محفوظ رکڻ لاءِ شمسي توانائي تي هلندڙ فرجون موڪلڻ ۾ رڪاوٽن کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اهو سامان آگسٽ کان اسرائيلي اجازت نامي جي انتظار ۾ آهي.  ياد رهي ته امدادي ادارن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ هن وقت داخل ٿيندڙ شين جو مقدار اٽڪل 20 لک متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي.