سعودي دفاع واري وزير جي آمريڪي پرڏيهي ۽ دفاع واري وزير سان ملاقات

رياض-12نومبر(اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو،  دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ۽ خطي لاءِ آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيو وٽڪوف سان ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده خالد بن سلمان گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ملاقات …

رياض-12نومبر(اي پي پي) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو،  دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ ۽ خطي لاءِ آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيو وٽڪوف سان ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده خالد بن سلمان گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ملاقات دوران سعودي عرب ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن ۽ ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ويو. واضح رهي ته سعودي عرب جو ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان 18 نومبر تي آمريڪا جو دورو ڪندو جتي سندس ملاقات آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان متوقع آهي. اهو شهزاده محمد بن سلمان جو آمريڪا جو ٻيو دورو هوندو. هن پهريون دورو 2018ع ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايت تي ڪيو هو.