آئُون پاڻ کي سعودي سمجهان ٿو ۽ ملڪ جي صلاحيتن تي يقين رکان ٿو: ڪرسٽيانو رونالڊو

رياض-12 نومبر(اي پي پي)پرتگال سان تعلق رکندڙ فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو چيو آهي ته هو سعودي عرب ۾ رهڻ واري فيصلي تي پختو يقين رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس ملڪي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد آهي. ميڊيا رپورٽن موجب رياض ۾ منعقد ٽوريس 2025ع فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته  هو پاڻ کي سعودي سمجهي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. رونالڊو چيو ته سڀني …

رياض-12 نومبر(اي پي پي)پرتگال سان تعلق رکندڙ فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو چيو آهي ته هو سعودي عرب ۾ رهڻ واري فيصلي تي پختو يقين رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس ملڪي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد آهي. ميڊيا رپورٽن موجب رياض ۾ منعقد ٽوريس 2025ع فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته  هو پاڻ کي سعودي سمجهي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. رونالڊو چيو ته سڀني ڏٺو ته منهنجو سعودي اچڻ جو فيصلو درست هو ۽ هو سعودي عرب جي وڏن ترقياتي منصوبن جو حصو بڻجڻ جو خواهشمند آهي ۽ ملڪ جي ترقياتي صلاحيت ۽ عزم تي مڪمل يقين رکي ٿو. واضح رهي ته رونالڊو جون 2024ع ۾ اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي زندگي جو باقي حصو سعودي عرب ۾ گذارڻ جو ارادو رکي ٿو، سندس موجب سعودي عرب هڪ بهترين ملڪ آهي جتي امن ۽ سڪون جي فضا آهي.