لاڙڪاڻو-11 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم هجي يا 28هين ترميم هجي، پيپلز پارٽي 18 هين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي، اعليٰ عدالتن جي ججز پاران 27 هين ترميم ۾ آئيني عدالت جي قيام تي اعتراض بنا جواز آهي، ان وقت سپريم ڪورٽ ڪٿي هئي …
اعليٰ عدالتن جي ججز پاران 27 هين ترميم ۾ آئيني عدالت جي قيام تي اعتراض بنا جواز آهي: پ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-11 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 27 هين آئيني ترميم هجي يا 28هين ترميم هجي، پيپلز پارٽي 18 هين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي، اعليٰ عدالتن جي ججز پاران 27 هين ترميم ۾ آئيني عدالت جي قيام تي اعتراض بنا جواز آهي، ان وقت سپريم ڪورٽ ڪٿي هئي جڏهن ملڪ ۾ ٽيڪ اوور ٿي رهيو هو ۽ عدالت مارشلائن کي تحفظ ڏئي آمرن جي ها ۾ ها ملائي رهي هئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار کهڙو چيو ته 27 هين ترميم ۾ آئيني عدالت وقت جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته آئيني عدالت ۾ ججز جي برابري جي بنياد تي نمائندگي هوندي ۽ عدالت آئين بابت معاملا ڏسي سگهندي. جيڪڏهن ڪنهن کي آئيني عدالت بابت اعتراض آهي ته ان بابت دليلن سان ڳالهايو وڃي ته آئيني عدالت ڇو نه هئڻ گهرجي؟ هن چيو ته آئيني عدالت جو قيام ميثاق جمهوريت ۾ پڻ شامل هو. هن چيو ته 27 هين ترميم سان عام ماڻهن جي زندگي متاثر نه ٿيندي ۽ پيپلز پارٽي آئيني عدالت جي قيام جي نقطي جي حمايت ڪري سپريم ڪورٽ کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهيءَ جو ڪو به بدلو نه وٺي رهي آهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي بدلو وٺڻو هجي ها ته پيپلز پارٽي سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ڀٽو جي ڦاهيءَ واري فيصلي کي تاريخ ۾ درستگي ڪرائڻ بابت ريفرنس داخل نه ڪري ها ۽ ريفرنس جي نتيجي ۾ عدالت شهيد ڀٽو جي ڦاهيءَ واري فيصلي کي شفاف ٽرائل نه ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو. هن چيو ته آئيني عدالت وقت جي ان ڪري به ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ملڪ جي ان ئي اعليٰ عدالت شهيد ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ۽ مارشلائن کي تحفظ ڏنو ۽ هاڻي آئيني عدالت تي اعتراض ڪندڙ ان وقت ڇو چپ هئا جڏهن 18 هين ترميم لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وئي ته ان وقت جي چيف جسٽس افتخار چوڌري 18 هين ترميم تي به اعتراض واريو هو، پر اسان عمران خان وانگر ناهيون جو سپريم ڪورٽ تي حملا ڪيون ان ڪري اسان آئيني رستو اختيار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته آئين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ترميم جي گنجائش موجود هوندي آهي ۽ آئين ۾ بهتريءَ لاءِ ترميمون ٿينديون رهنديون آهن. هن چيو ته اميد آهي ته آئيني عدالت کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به ججز جي برابري واري نمائندگي اچي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 27 هين ترميم کان اڳ وڏيون افواهون ڦهلايون ويون ته اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي ۾ ڪٽوتي ڪئي ويندي ۽ 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪيو ويندو ۽ نوان صوبا صوبا ٺاهي سنڌ جا ٽُڪڙا ڪيا ويندا پر سڀني ڏٺو ته 27 هين ترميم ۾ اِهي نقطا شامل ئي نه آهن، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻ ۽ صوبائي خودمختياري تي سمجهوتو ڪرڻ جو سوچي به نه ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ ۾ 25 ايڪڙن جي 4 لک رجسٽرڊ آبادگارن کي في ايڪڙ جي ڪڻڪ جي فصل تي في آبادگار کي 22 هزار روپيه، ڊي اي پي جي هڪ ٻوري ۽ يوريا ڀاڻ جي ٻن ٻورين جي خريداريءَ لاءِ روڪ رقم انهن جي اڪائونٽ ۾ سڌي ريت موڪلي پئي وڃي جنهن مان آبادگار 14 هزار روپين مان ڊي اي پي جي هڪ ٻوري ۽ 8 هزار روپين مان يوريا ڀاڻ جون ٻه ٻوريون خريد ڪري سگهندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران 4 لک رجسٽرڊ آبادگارن کي 56 ارب روپين جي سبسڊيءَ سان اِها رقم فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ ان بابت آبادگارن ۾ آگاهي مهم لاءِ پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هر ضلعي ۾ سيمينار پڻ منعقد ڪيا ويندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ زراعت جي واڌ ويجهه ڪاٽو 3 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي ۽ ايڪسپورٽرز جي ڪري زراعت تباهه حال ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ سارين جو في مڻ 3500 روپين بجاءِ 2200 روپين ۾ خريد ڪيو پيو وڃي، ان ڪري وفاقي حڪومت رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن جي اداري کي بحال ڪري سرڪاري سطح تي سارين ۽ چانورن جي خريداري شروع ڪري. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان ڪڻڪ جو في مڻ اگهه 4000 مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو پر وفاقي حڪومت سڀني صوبن لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جو اگهه 3500 روپيه في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئنالن جي مسئلي وانگر ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر ڪرائڻ جو مسئلو به حل ڪرايو آهي. هن چيو ته ربيع دوران ارسا پاران پاڻي جي گهٽتائي ظاهر نه ڪئي وئي آهي ته پوءِ ارسا رائيس ڪئنال ۾ ربيع جي فصل دوران پاڻي ڇڏي ته جيئن ربيع جو فصل بهتر ٿي سگهي.











