ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) واٽر ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي چيو آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي نظام کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ، عوامي سهولتون وڌائڻ ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ هڪ اهم انتظامي قدم کڻندي چار نوان آپريشنل زون قائم ڪري ڇڏيا آهن. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ …
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن پاران چار نوان آپريشنل زون قائم

مزید خبریں
ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) واٽر ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي چيو آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي نظام کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ، عوامي سهولتون وڌائڻ ۽ انتظامي ڪارڪردگي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ هڪ اهم انتظامي قدم کڻندي چار نوان آپريشنل زون قائم ڪري ڇڏيا آهن. واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن پاران باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب زون ون ۾ محمد علي شيخ کي ملير ۽ ڪورنگي ضلعي جو چيف انجنيئر واٽر اينڊ سيوريج مقرر ڪيو ويو آهي. لانڍي، ڪورنگي، ماڊل زون ۽ شاھ فيصل ٽائون جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر محمد اسلم اعوان، ابراهيم حيدري ۽ ملير جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر رضوان علي خان جڏهن تہ گڏاپ ٽائون جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر جاويد ڀٽو کي مقرر ڪيو ويو آهي. زون ٽو ضلعي اوڀر ۽ ڏکڻ جو چيف انجنيئر واٽر اينڊ سيوريج آفتاب عالم چانڊيو هوندو. چنيسر ۽ جناح ٽائون جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر عبدالغفار شيخ، گلشن ۽ صفوره جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر عبدالحق شيخ مقرر ويو آھي. لياري ٽائون جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر محمد رحيم پليجو جڏهن تہ صدر ۽ ڪلفٽن جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر انور ميمڻ پنهنجون خدمتون انجام ڏيندو. زون ٿري ضلع اولھ ۽ ڪياماڙي جو چيف انجنيئر واٽر اينڊ سيوريج غلام محمد حب مقرر ڪيو ويو آهي. بلديا ماڙي پور ۽ مورڙو ميربحر جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر عثمان خاصخيلي جڏهن ته اورنگي، مومن آباد ۽ منگهوپير جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر عبدالوحيد شيخ مقرر ڪيو ويو آهي. زون فور ضلعو سينٽرل ۽ سهراب ڳوٺ ٽائون جو چيف انجنيئر واٽر اينڊ سيوريج شاهه رخ حسين مقرر ڪيو ويو آهي. گلبرگ، ناظم آباد ۽ لياقت آباد جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر ابرار حسين جڏهن ته نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ سهراب ڳوٺ ٽائون جو سپرنٽنڊنگ انجنيئر نهال دانش مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو ته ان انتظامي قدم جو بنيادي مقصد اداري جي آپريشنل ڪارڪردگي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، سروس ڊليوري جي نظام کي تيز ۽ فعال بنائڻ، پاڻي ۽ سيوريج جي مسئلن جو وقت سر حل ممڪن بڻائڻ، فيلڊ اسٽاف وچ ۾ بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۽ شهرين کي سهولتن جي اعليٰ معيار مطابق خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. ھنن چيو ته واٽر اينڊ سيوريج سروسز جي اثرائتي فراہمي لاءِ انتظامي ڍانچي جو مضبوط ٿيڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي ويو آهي. ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اھو قدم ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضىٰ وهاب جي ويزن مطابق شهرين کي بهتر سهولتون ۽ معياري سروس ڊيليوري فراهم ڪرڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شڪايتن جو فوري ازالو، پاڻي جي فراهمي جي اثرائتي انتظام ۽ سيوريج سسٽم ۾ تسلسل پيدا ٿيندو.











