سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سريلنڪا جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل سنجيوا پٽوالا جي ملاقات

ڪراچي-10 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سريلنڪا جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل سنجيوا پٽوالا گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قونصل جنرل پنهنجي مقرري جا ڪاغذ به سنڌ جي گورنر کي پيش ڪيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ واپاري …

ڪراچي-10 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان سريلنڪا جي نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل سنجيوا پٽوالا گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قونصل جنرل پنهنجي مقرري جا ڪاغذ به سنڌ جي گورنر کي پيش ڪيا. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفن لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. قونصل جنرل وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. سنجيوا پٽوالا ”اميد جي گهنٽي“ وڄائي خوشگوار حيرت ۽ تحسين جو اظهار ڪيو ۽ عوامي خدمت جو هڪ واکاڻ جوڳو قدم قرار ڏنو.

مزید خبریں