اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا پارلياماني وفد گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويا جن جو هوائي اڏي تي اعليٰ اختيارين استقبال ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب مراڪش مان آيل وفد جي قيادت اسپيڪر هائوس آف ڪائونسلرز محمد ولد الرشيد ڪئي. وفد جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي سينيٽ جي اعليٰ اختيارين شاندار آجيان ڪئي. اهڙي ريت …
بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي وفدن جي اسلام آباد آمد، اعليٰ اختيارين پاران شاندار استقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مختلف ملڪن جا پارلياماني وفد گذريل ڏينهن اسلام آباد پهچي ويا جن جو هوائي اڏي تي اعليٰ اختيارين استقبال ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب مراڪش مان آيل وفد جي قيادت اسپيڪر هائوس آف ڪائونسلرز محمد ولد الرشيد ڪئي. وفد جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي سينيٽ جي اعليٰ اختيارين شاندار آجيان ڪئي. اهڙي ريت روانڊا جو وفد صدر سينيٽ فرانڪيوس زيوير جي قيادت ۾ پهتو جڏهن ته مالديپ جو وفد پارليامينٽ جي اسپيڪر عبدالرحيم عبدالله جي اڳواڻي ۾ پهتو، ملائيشيا جو وفد مٿئين ايوان جي نائب صدر نور جزلان بن محمد ۽ فلپائن جي پارليامينٽ جو وفد پڻ پهتو جن جي اعليٰ اختيارين ۽ مددگار عملي آجيان ڪئي. سينيٽر سرمد علي مختلف ملڪن کان آيل معزز مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته هيءَ ڪانفرنس عالمي پارلياماني برادري وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ ۽ سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. سعودي عرب جي وفد جي معاون عملي جي آمد سان ئي ڪانفرنس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس 11 کان 12 نومبر تائين منعقد ٿيندي. ڪانفرنس جو مقصد عالمي امن، سهڪار ۽ جمهوري قدرن کي هٿي وٺائڻ لاءِ مختلف ملڪن جي پارلياماني اڳواڻن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ آهي.










