نيويارڪ -10 نومبر(اي پي پي) ايلون مسڪ چيو آهي ته مصنوعي ذهانت آفيس جي ملازمتن کي هاڻي انهن ملازمتن وانگر بڻائيندي جتي ڪارڪن ڪمپيوٽر جي دور مان پهرين جٿي طور حساب ڪتاب ڪندا هيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ايلون مسڪ تازو ڪاميڊي پوڊ ڪاسٽ تي جو روگن کي ٻڌايو آهي ته منهنجي خيال ۾ نوڪرين جي تمام گهڻي ضرورت پوندي پر ضروري ناهي ته هڪ جهڙيون نوڪريون هجن منهنجو مطلب آهي اهو …
مصنوعي ذهانت سونامي آفيس ملازمتون ختم ڪري ڇڏيندي: ايلون مسڪ
نيويارڪ -10 نومبر(اي پي پي) ايلون مسڪ چيو آهي ته مصنوعي ذهانت آفيس جي ملازمتن کي هاڻي انهن ملازمتن وانگر بڻائيندي جتي ڪارڪن ڪمپيوٽر جي دور مان پهرين جٿي طور حساب ڪتاب ڪندا هيا. پرڏيهي ميڊيا موجب ايلون مسڪ تازو ڪاميڊي پوڊ ڪاسٽ تي جو روگن کي ٻڌايو آهي ته منهنجي خيال ۾ نوڪرين جي تمام گهڻي ضرورت پوندي پر ضروري ناهي ته هڪ جهڙيون نوڪريون هجن منهنجو مطلب آهي اهو عمل پوري جديد تاريخ ۾ جاري آهي. ”ايڪس “ جي سي اي او وڌيڪ ٻڌايو ته مصنوعي ذهانت اڳ ئي ڊجيٽل تي ٻڌل آفيس ملازمتن جي جڳهه وٺي رهي آهي ۽ تيز رفتاري سان ان ۾ واڌ ايندي.بزنس انسائيڊر جي رپورٽ موجب ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته اهو بلڪل سادگي سان ٿي رهيو آهي. مصنوعي ذهانت هڪ سپر سونڪ سونامي آهي.اڪثر اهڙا اقتصادي ماهر جن موضوع جو مطالعو ڪيو آهي چوڻ آهي ته سمورين ملازمتن کي فوري طور تي خطرو ناهي اهڙيون ملازمتون ۽ پيشا جن لاءِ جسماني محنت ۽ ڪجهه انساني عمل جي ضرورت هوندي آهي انهن جي زنده رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته خاص طور تي کاڌو پچائڻ جو ڪم يا ڪنهن جسماني ڪم تي ٻڌل ملازمتون گهٽي دير تائين رهنديون ڪا به ڊجيٽل نوڪري جنهن ۾ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻو آهي ان کي مصنوعي ذهانت بجلي جي رفتار سان سنڀالي وٺندي. ايلون مسڪ اي آءِ جي ڊگهي عرصي تائين فائدي جي باري ۾ تمام گهڻي اميد جو اظهار ڪيو آهي.











