اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مقرر ڪيل هدفن کي مقرر مدي اندر حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان جاري قدمن بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس …
وزيراعظم پاران ڪيش ليس معيشت طرف کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار، مقرر ڪيل هدف مقرر مدي اندر حاصل ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مقرر ڪيل هدفن کي مقرر مدي اندر حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان جاري قدمن بابت جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد، چيئرمين نادرا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر، چيئرمين ايف بي آر راشد محمود لنگڙيال ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ لاءِ جاري قدمن جو ملڪي معيشت جي پائيدار ترقي ۾ اهم ڪردار هُوندو. هن هدايت ڪئي ته مُڪمل طور تي ڪيش ليس معيشت ۽ غير رسمي معيشت کي خاتمي لاءِ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ آگاهي وڌائي وڃي. سڄي دنيا تيزي سان ڊجيٽل معيشت ڏانهن وڌي رهي آهي. پاڪستان کي دنيا سان قدم قدم سان ملائي هلڻو پوندو. پهرين ڏينهن کان پاڪستان کي ڊجيٽل قوم بڻائڻ لاءِ قدمن کي ترجيح ڏني، جنهن جا مثبت نتيجا سامهُون اچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رمضان المبارڪ دوران مستحقين کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ڊجيٽل والٽس ذريعي موڪلي وئي. ڪيش ليس معيشت وسيلي گورننس ۾ بهتري ۽ ڪرپشن ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪيش ليس معيشت لاءِ مقرر ڪيل هدف مخصوص ڪيل مُدي اندر حاصل ڪيا وڃن. هن موجوده اڳڀرائي کي اطمينان بخش قرار ڏنو ۽ ناڻي واري وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارت، ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪم جي واکاڻ ڪئي. اجلاس کي وزيراعظم جي ڪيش ليس معيشت جي ويزن تحت حڪومتي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته بجلي ۽ گئس جي بلن تي راست ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ادائيگي کي ڪيش ليس ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري اربين رپين جي بلن جي ادائيگي هاڻي ڊجيٽل سسٽم وسيلي ممڪن ٿي آهي. وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هڪ ڪروڙ ڊجيٽل والٽس تي اڳڀرائي کان پُڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته والٽس هن مهيني جي آخر تائين مڪمل طور تي فعال ٿي ويندا ۽ مستحقين کي رقم جي ايندڙ قسط ان وسيلي موڪلي ويندي. ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ سرڪاري خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل موبائل ايپليڪيشن کي راست سان ڳنڍيو ويو آهي ۽ ادائيگيون ان ذريعي ڪيون پيون وڃن. اسلام آباد ۾ نوان ڪاروبار کولڻ جو لائسنس کي ڊجيٽل ادائيگي جي نظام سان مشروط ڪيو ويو آهي ۽ سڀني موجوده دڪانن تي راست ڪيو آر ڪوڊ ذريعي ادائيگي جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ ڊجيٽل بينڪن جي قيام لاءِ لائسنس جاري ڪيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن قدمن سان ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي جي مالي شموليت حاصل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايندڙ سال ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مالي شموليت جو دائرو وڌيڪ وڌايو وڃي. اجلاس کي ايندڙ سال جي هدفن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪيش ليس معيشت جي حوالي سان قدمن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي مقرر ڪيل هدفن کي مقرر مُدي اندر پورو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











