گڏيل قومون -09 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اهم ڪميٽيءَ هٿيارن جي خاتمي بابت پاڪستان پاران پيش ڪيل 4 ٺهراءَ منظور ڪري ورتا آهن. جيڪي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائن جي مقصد تحت پيش ڪيا ويا. اهي قدم پاڪستان جي پائيدار امن جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. 193 ميمبر ملڪن تي ٻڌل هٿيارن جي خاتمي واري عالمي ڪميٽي 2 …
گڏيل قومن جي ڪميٽيءَ پاران هٿيارن جي خاتمي بابت پاڪستان پاران پيش ڪيل 4 ٺهراءَ منظور

مزید خبریں
گڏيل قومون -09 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ اهم ڪميٽيءَ هٿيارن جي خاتمي بابت پاڪستان پاران پيش ڪيل 4 ٺهراءَ منظور ڪري ورتا آهن. جيڪي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي مضبوط بڻائن جي مقصد تحت پيش ڪيا ويا. اهي قدم پاڪستان جي پائيدار امن جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. 193 ميمبر ملڪن تي ٻڌل هٿيارن جي خاتمي واري عالمي ڪميٽي 2 ٺهراءَ گڏيل طور منظور ڪيا. انهن ٺهرائن ۾ ”علائقائي هٿيارن جو خاتمي“ ۽ ”علائقائي ۽ ذيلي علائقي سطح تي اعتماد سازي جا قدم“ شامل آهن جڏهن ته ”غير ايٽمي رياستن کي ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي ڌمڪي کان بچائڻ جي اثرائتن عالمي انتظامن جي جوڙجڪ“ ۽ ”علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي روائتي هٿيارن جي ڪنٽرول“ جا ٺهراءَ واضح اڪثريت سان منظور ڪري ورتا آهن. انهن ٺهرائن جا متن ايندڙ مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ باضابطا توثيق لاءِ پيش ڪيا ويندا. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن موجب ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ايٽمي هٿيارن جي خاتمي، علائقائي ۽ روائتي هٿيارن جي ڪنٽرول ۽ اعتماد سازي جي قدمن کي هٿي وٺائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. انهن ٺهرائن جي منظوري ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿي ته عالمي برادري سلامتي جي ناڪاري ضمانتن ۽ علائقائي سطح تي هٿيارن خاتمي ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول جي ڪوششن کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿي. گڏيل قومن ۾ موجود سفارتڪارن پاڪستان جي انهن قدمن جي تعريف ڪئي ۽ امن کي هٿي وٺائڻ ۾ ان جي ڪردار کي تحسين جوڳو قرار ڏنو.










